سکر ۾ بدامني تي ضابطو نه آيو، وڌيڪ 2 موٽر سائيڪلون چوري

Spread the love

سکر( بيورو رپورٽ: ماجد منگي) سکر ۾ ڏوهي وارداتن تي ضابطو نه آيو، وڌيڪ 2 موٽر سائيڪلون چوري، خبرموجب سکر پوليس جي نااهلي سبب شهر ۾ ڏوهي وارداتن تي ضابطو نه اچي سگھيو،

سکر جي سي سيڪشن ٿاڻي جي حد لوڪل بورڊ واپڊا آفيس واري علائقي مان سعيد احمد جسڪاڻي جي بيٺل نئين سي ڊي سيونٽي موٽر سائيڪل نامعلوم چور چوري ڪري فرار ٿي ويا آهن،

جڏهن ته بئراج ڪالوني واري علائقي مان نامعلوم چور شهري ماجد شاهه جي موٽر سائيڪل چوري ڪري فرار ٿي ويا آهن.

جُولاءِ 2, 2023

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو