سکر : ڪنڌرا ۾ ٻوٽا پوکي وڻڪاري مهم جي شروعات ڪئي وئي
سکر (رپورٽر: امداد علي گل ڪلوڙ) ڪنڌرا ۾ ٻوٽا پوکي وڻڪاري مهم جي شروعات،ماحولياتي آلودگي ۽ موسمیات تبديلين جو مقابلو ڪرڻ لاءِ وڌ کان وڌ وڻ پوکيا وڃن، شهرن ۽ ڳوٺن کي فاريسٽ ۾ تبديل ڪرڻو پوندو، مفتي محمد طاهر گھانگھرو، سکر لڳ ڪنڌرا ۾ جامعہ بيت الرحمان ٽرسٽ جي باني مفتي محمد طاهر گھانگھرو پاران ڪنڌرا ۾ ٻوٽا پوکي وڻڪاري مهم جي شروعات ڪئي وئي،
اڳوڻو ڊائريڪٽر ايگريڪلچر عبدالستار گھانگھرو، ٽائون ڪميٽي ميمبر بابر قريشي، معزز شخصيت حاجي عبدالغفار، استاد عبدالستار ميتلو،استاد محمد حنيف، گل بهار حسين،عدالت حافظ سهيل احمد، عل گل، عبدالرئوف ۽ ٻين ٻوٽا پوکي وڻڪاري مهم ۾ حصو ورتو،
ان موقعي تي ڊائريڪٽر ايگريڪلچر عبدالستار گھانگھرو ۽ مفتي محمد طاهر جو چوڻ هو ته اسان کي گهرجي ته پنهنجي مدد پاڻ تحت وڻڪاري مهم شروع ڪري پنهنجن شهرن ڳوٺن محلن، گهرن اوطاقن مسجدن کي فاريسٽ ۾ تبديل ڪيو،
موجوده صورتحال ۾ سخت گرمي به ماحولياتي تبديلين جو سبب بڻي آهي، ماحولياتي آلودگي ۽ موسمیات تبديلين جو مقابلو ڪرڻ لاءِ وڌ کان وڌ وڻ پوکيا وڃن، شهرن ۽ ڳوٺن کي فاريسٽ ۾ تبديل ڪرڻو پوندو،
جُولاءِ 2, 2023