سکر پوليس ۽ ڌاڙيلن وچ ۾ مقابلو، جوابدار زخمي حالت ۾ گرفتار
سکر (بيورو رپورٽ) سکر پوليس جي ترجمان موجب ايئرپورٽ ٿاڻي جي پوليس ۽ ڌاڙيلن وچ ۾ پوليس پڪٽ لڳ مقابلو ٿي پيو،
جنهن جي نتيجي ۾ هڪ ڏوهاري مخمور ميراڻي کي زخمي حالت گرفتار ڪري ٿيار هٿ ڪري ورتا آھن جڏهن ته سندس ساٿي فرار ٿي ويا گرفتار ڏوهاري موٽرسائيڪل ڦرڻ، چوري، ڌاڙن، پوليس مقابلن سميت ڪيترن ئي سنگين ڏوهن ۾ پولس کي گهربل هو،
گرفتار زخمي جوابدارن کي علاج خاطر سول اسپتال سکر منتقل ڪيو ويوآھي،گرفتار جوابدار جو مختلف ٿاڻن ۽ ٻين ضلعن مان ڪرمنل رڪارڊ چيڪ ڪيو پيو وڃي۔
جُولاءِ 2, 2023