سکر: اسمال ٽريڊرز جي صدر پاران سويڊن ۾ قرآن پاڪ جي بي حرمتي جي مذمت
سکر(رپورٽ: امداد علي گل ڪلوڙ) سکر اسمال ٽريڊرز جي صدر حاجي محمد جاويد ميمڻ سويڊن ۾ قرآن پاڪ جي بي حرمتي جي شديد لفظن ۾ مذمت ڪندي چيو آهي ته ان حرڪت سان پوري دنيا جي مسلمانن جا احساس ۽ جذبا بري طرح مجروع ٿيا آهن.
ڪو به مسلمان ڪلام الاهي جي معمولي گستاخي به برداشت نٿو ڪري سگهي اهو اسان جي ايمان ۽ عقيدي جو حصو آهي. ڪو به مذهب ڪنهن جي به مذهبي عقيدن جي توهين جي اجازت نٿو ڏيئي، قرآن پاڪ جي بي حرمتي ناقابل تلافي جرم آهي.
سويڊن حڪومت فوري طور تي ان حرڪت تي معافي گهري ۽ گستاخي ڪندڙن کي عبرتناڪ سزا ڏي ته جيئن ڪو به اهڙي قسم جي حرڪت نه ڪري سگهي.
اهڙن خيالن جو اظهار هن تاجر سيڪريٽريٽ گولڊ سينٽر صرافه بازار ۾ سکر اسمال ٽريڊرز جي اڳواڻن حاجي محمد جاويد ميمڻ، حاجي عبدالستار راجپوت، عبدالقادر شيواني، رئيس قريشي، شڪيل قريشي، حافظ محمد شريف ڏاڏا، بابو فاروقي، محمد منير ميمڻ، محمد ڪاشف شمسي، عبدالباري انصاري، مختياري شامي، طارق علي ميراڻي، سليم مالا، محبوب صديقي، جاويد ميمڻ، سيد محمد شاهه، سعيب ميمڻ، اياز علي ابڙو، ذاڪر خان، احسان ٻنڌاڻي، اعظم خان، ڊاڪٽر سعيد اعواڻ، امداد جهنڊير، محمد سجاد عامر، فخرالدين عباسي، صداقت خان ۽ ٻين سان ڳالهه ٻولهه ڪندي ڪيو.
حاجي محمد جاويد ميمڻ جو وڌيڪ چوڻ هو ته قرآن پاڪ پوري انسانيت جي لاءِمحبت، امن ۽ حڪمت جي ڪتاب آهي، سويڊن ۾ قرآن پاڪ جي بي حرمتي ڪري مسلمانن جي دل آزاري ڪئي ويئي اشتعال انگيز شيطاني حرڪت ڪو به ڪلمو پڙهندڙ مسلمان برداشت نٿو ڪري سگهي.
هن جو چوڻ هو ته اسلامي ملڪن جي عالمي تنظيم آرگنائيزيشن آف اسلامڪ ڪنٽريز (او آئي سي) زباني ڪلامي مذمتي بيانن کان اڳتي وڌي اهڙي قسم جي حرڪتن کي روڪڻ جي لاءِ موثر قدم کڻي ۽ معاملي کي اقوام متحده ۾ کڻي ڪري توهين ڪندڙن کي عبرتناڪ سزا ڏيارين ته جيئن آئنده ڪو اهڙي قسم جي شيطاني حرڪت جي جرائت نه ڪري سگهي.
جُولاءِ 2, 2023