سوئيڊن ۾ قرآن پاڪ جي بي حرمتي وارو واقعو، اسلامي سهڪار تنظيم وڏو بيان ڏئي ڇڏيو
جده ( ويب ڊيسڪ ) سوئيڊن ۾ قرآن پاڪ جي بي حرمتي جي واقعي تي اسلامي سهڪار تنظيم ( او آءِ سي ) جي ايگزيڪٽيو ڪميٽي جي اجلاس ۾ سيڪريٽري جنرل حسين ابراهيم طحهٰ زور ڏنو آهي ته تمام اسلامي مُلڪ قرآن پاڪ ۽ پيغمبرِ اسلام جي توهين وارن واقعن جي روڪٿام لاءِ اجتماعي ۽ جوڳا قدم کڻن.
سوئيڊن ۾ قرآن پاڪ جي بي حرمتي واري واقعي تي اسلامي سهڪار تنظيم ۽ او آءِ سي جي ايگزيڪٽيو ڪميٽي جو هنگامي اجلاس جده هيڊڪوارٽر ۾ ٿيو.
اجلاس ۾ پاڪستان، اردن، انڊونيشيا، ملائيشيا، آذربائيجان، گڏيل عرب رياستن، بحرين سميت رڪن مُلڪن جي ايگزيڪٽيو ڪميٽي جا ميمبر شريڪ هئا.
اسلامي سهڪار تنظيم جي پاڪستاني نمائندي فواد شير پاڪستان طرفان قرآن پاڪ جي بي حرمتي واري واقعي مذمت جوڳو قرار ڏيندي چيو ته هڪ طرف اسلامي دنيا عيدالاضحيٰ ملهائي رهي هئي ته ٻئي طرف ڪلام پاڪ کي ساڙڻ جهڙي ڪِريل ۽ ناقابلِ برداشت حرڪت ڪئي وئي جنهن تي اسلامي دنيا کي سخت تڪليف پهتي .
ان موقعي تي او آءِ سي جي سيڪريٽري جنرل حسين ابراهيم طحهٰ جو چوڻ آهي ته قرآن پاڪ ۽ پيغبرِ اسلام صلعم جي بي حرمتي کي ڪنهن به ريت برداشت نٿو ڪري سگهجي، ان لاءِ عالمي قانون فوري طور لاڳو ڪرڻ جي ضرورت آهي، جيڪي نفرت پکيڙڻ کان روڪين ٿا.
جُولاءِ 2, 2023