روهڙي: ڳوٺ گلشير چوهاڻ واسين پاران مطالبن جي حق ۾ احتجاجي مظاھرو
روهڙي (رپورٽ: علي خان چنجڻ)روهڙي جي علائقي مراد شاھ ڦاٽڪ جي ڳوٺ گلشير چوهاڻ، جي رھواسين، گلشير چوهاڻ، حافظ محمد ايوب چوهاڻ، عبدالجبار چوهاڻ، حافظ محمد صديق چوهاڻ ۽ ٻين روهڙي پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاھرو ڪندي ھنن الزام هنيو ته مقامي بااثر شخص حاجي نواب خان پٺاڻ جو ڊرائيور راحب منڱريو مسلسل ڳوٺاڻن کي حراسان، تنگ ڪرڻ ۽ ڪوڙن ڪيسن ۾ ڦاسائي رهيو آهي
۽ هي شخص ڳوٺ جي مسجد جي وضو خاني تعمير ۾ نه رڳو رڪاوٽ بڻيل آهي بلڪي هن مسجد جي تعمير ڪرائيندڙ مقامي ماڻهن تي حملو ڪري ڪيترن ئي ماڻهن کي زخمي ڪري ڇڏيو، ۽ هڪ بااثر شخص جي چوڻ تي پوليس اسان جي خلاف ڪيس پڻ داخل ڪري ڇڏيو، هنن ڊي آءِ جي سکر ايس ايس پي سکر ۽ ٻين پوليس آفيسرن کان مطالبو ڪيو
ته پوري ڳوٺ جي ماڻھن کي پريشان ڪندڙ ۽ مسجد جي تعمير ۾ رڪاوٽ وجهندڙ شخص خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي ۽ اسان کي تحفظ فراھم ڪيو وڃي.
جُولاءِ 2, 2023