دادو: ڦلجي اسٽيشن روڊ تي ڦر ، مزاحمت تي نوجوان زخمي
دادو(رپورٽ:سرور جلال سولنگي ) دادو لڳ ڦلجي اسٽيشن روڊ تي پيٽرول پمپ لڳ ڳوٺ عبدالرحيم جو کوھ جي رھواسي نوجوان عامر علي ولد عبدالرحيم پنھور کان ون ٽو فائي سوار ٽن نامعلوم ھٿياربندن هٿيارن جي زور تي موٽر سائيڪل، فون سيٽ، 8 ھزار روڪ ڪپڙا چمپل ۽ ٻيو سامان جي ڦر ڪئي مزاحمت تي نوجوان کي پسٽل جا بٽ هڻي کيس شديد زخمي ڪري فرار ٿي ويا،
رستي وارن زخمي کي ڦلجي اسٽيشن پوليس ٿاڻي تي پھچايو، پوليس اين سي رپورٽ داخل ڪري جاج شروع ڪري ڏني متاثر زخمي ايس ايس پي دادو کان انصاف جو مطالبو ڪيو آهي،
جُولاءِ 2, 2023