دادو: مختلف واقعن ۾ ٻه ٻارڙا فوت، هڪ ڄڻي کي نانگ ڪکي وڌو
دادو(رپورٽ :سرور جلال سولنگي ) دادو مختلف واقعن ۾ ٻه ٻار فوت هڪ ڄڻي کي نانگ ڪکي وڌو، خبر موجب:دادو ويجهو ڦلجي اسٽيشن لڳ ڳوٺ ابراھيم پنھور ۾ نوجوان زاھد پٽ پير بخش پنھور کي زھريلي نانگ ڪکي وڌو زخمي کي سول اسپتال ايمرجنسي وارڊ ۾ داخل ڪيو ويو ،
ٻئي طرف خيرپور ناٿن شاهه لڳ ڳوٺ درياهه خان کوسو ڀرسان رائيس ڪئنال کي ٻوڏ دوران لڳل گهاري واري بيٺل پاڻيءَ جي تلاءُ ۾ ٽيون ٻار ڏھ سالن جو مرتضيٰ پٽ شوڪت کوسو فوت ٿي ويو،
جڏھن ته ڪڪڙ لڳ ڳوٺ جکرو ساريو ۾ پوليس عملدار ظفر علي ساريو جي چار سالن جي ڌيءَ انعم ساريو بجلي جي ڪرنٽ لڳڻ جي نتيجي ۾ فوت ٿي وئي آهي سندس امڙ کي بيهوشي جا دورا پئجي رهيا آهن.
جُولاءِ 2, 2023