”خيرات نه حق گهري رهيا آهيون“ بلوچستان جي وڏي وزير جو اين ايف سي ايوارڊ بابت وڏو بيان
ڪوئيٽا ( ويب ڊيسڪ ) بلوچستان جي وڏي وزير عبدالقدوس بزنجو فوري طور نئون قومي مالياتي ڪميشن ( اين ايف سي ) ايوارڊ آڻڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو آهي.
هڪ بيان ۾ سندس چوڻ هو ته وفاق بلوچستان سان ڪيل واعدا وفا نه ڪرڻ جي روايت برقرار رکي، ٽيهه جون تائين پي پي ايل جون رهتون ملي سگهيون نه اين ايف سي جو پورو شيئر ملي سگهيو.
عبدالقدوم بزنجو جو چوڻ هو ته وفاقي سرڪار کان خيرات نه پنهنجو حق گهري رهيا آهيون، ڀت سان نه لڳايو وڃي ۽ نه ئي سخت ردعمل تي مجبور ڪيو وڃي.
جُولاءِ 2, 2023