حڪومت، مُلڪي ادارن خلاف فيٽف کي خط لکندڙن خلاف وڏو قدم کڻي ورتو

Spread the love

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) حڪومت ملڪي ادارن خلاف فنانشل ايڪشن ٽاسڪ فورس کي خط لکندڙ ماڻهن خلاف قانوني ڪارروائي ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي.

 اختيارين موجب، ڏوهاري ماڻهن فيٽف، آءِ ايم ايف ۽ ورلڊ بينڪ کي ملڪي ادارن خاص طور ڊرگ ريگوليٽري اٿارٽي خلاف خط لکيو هو جنهن ۾ پاڪستان تي پابنديون لڳائڻ جو مطالبو ڪيو ويو هو.

ذريعن جو چوڻ آهي ته  ڪجهه فارماسٽس طرفان عالمي مالياتي ادارن کي  اي ميل ۽ خط لکيا ويا هئا ۽ الزام لڳايو ويو هو ته پاڪستاني ادارا مني لانڊرنگ ۾ ملوث آهن.

اختيارن جو چوڻ آهي پرڏيهي ادارن کي اهڙي قسم جا خط لکڻ غداري جي زمري ۾ اچي ٿو، خط لکندڙ ماڻهو جعلي دوائن جي وڪري ۽ بليڪ ميلنگ جي ڪيسن ۾ ملوث آهن.

اختيارين موجب، حڪومت ملڪي ادارن خلاف مني لانڊرنگ جا الزام نه قبولڻ جوڳا ڏيندي ملڪي ادارن خلاف فنانشل ايڪشن ٽاسڪ فورس کي خط لکندڙ ماڻهن خلاف قانوني ڪارروائي ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي.

ذريعن موجب، صحت کاتي جي اختيارين ڪارروائي لاءِ ايف آءِ اي ۽ انٽيليجنس ايجنسين سان رابطو ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي ته جيئن خط لکندڙ ماڻهن خلاف غداري جا ڪيس داخل ڪري سگهجن.

جُولاءِ 2, 2023

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو