بلوچستان ۾ ايف سي چيڪ پوسٽ تي حملو، چار اهلڪار شهيد، هڪ دهشتگرد مارجي ويو
شيراني ( ويب ڊيسڪ ) بلوچستان جي ضلعي شيراني ۾ سڪيورٽي چيڪ پوسٽ تي حملي جي نتيجي ۾ 4 اهلڪار شهيد ٿي ويا آهن.
پوليس اختيارين موجب، دهشتگردن شيراني ضلعي جي علائقي دانه سر ۾ قائم چيڪ پوسٽ تي حملو ڪيو.
پوليس جو چوڻ آهي ته دهشتگردن جي حملي ۾ 3 پوليس ۽ هڪ ايف سي اهلڪار شهيد ٿي ويو آهي، جڏهن ته جوابي ڪارروائي ۾ هڪ دهشتگرد به مارجي ويو آهي.
پوليس اختيارين جو چوڻ آهي فائرنگ جي واقعي بعد علائقي ۾ سرچ آپريشن شروع ڪيو ويو آهي.
ٻئي پاسي بلوچستان جي وڏي وزير عبدالقدوس بزنجي حملي جي مذمت ڪندي چيو آهي ته دهشتگرد بزدلاڻي ڪارروائين سان سڪيورٽي فورسز جا حوصلا خطا نٿا ڪري سگهن، سڪيورٽي فورسز جون قربانيون قوم لاءِ مشعل راهه آهن.
هن وڌيڪ چيو ته سڪيورٽي فورسز جا جوان پختي عزم ۽ حوصلي سان ملڪ توڻي قوم جو تحفظ کي يقيني بڻائي رهيا آهن.
