گانو ڳائيندي مائيڪ مان ڪرنٽ لڳڻ سبب گلوڪارا فوت
نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي رياست بهار ۾ شادي تقريب دوران اسٽيج تي ڪرنٽ لڳڻ سبب گلوڪارا ٿڏي تي فوت ٿي وئي.
ڀارتي ميڊيا موجب سمستي پور شهر جي ڳوٺ مابي ۾ شادي تقريب جاري ڪئي، اتي عورتن جو وڏو انگ موجود هو، تقريب ۾ پرفارم ڪرڻ لاءِ مقامي گلوڪارا مينا ديوي کي دعوت ڏني وئي هئي.
پرفارمنس دوران اوچتو مائيڪ ۾ ڪجهه خرابي پيدا ٿي وئي پر مينا ديوي ڳائڻ جاري رکيو، هڪ موقعي تي مائيڪ مان کيس ڪرنٽ لڳو ۽ هوءَ اتي ئي ڪِري پئي.
اهو ڏسندي ئي تقريب ۾ موجود عورتون رڙيون شروع ڪري ڇڏيون، جنهن سبب اتي ماڻهو گڏ ٿي ويا.
واقعي جي اطلاع تي پوليس به پهتي ۽ مينا ديوي جو لاش قبضي ۾ وٺي اسپتال منتقل ڪيو، جڏهن ته واقعي جي جاچ شروع ڪئي وئي آهي.
