دادو: امن امان جي فضا قائم ڪرڻ لاءِ پوليس سرگرم بڻيل
دادو(رپورٽ: سرور جلال سولنگي ) دادو شهر اندر امن امان جي فضا قائم ڪرڻ لاءِ دادو پوليس سرگرم. ايس ايڇ او اي سيڪشن علي اڪبر چنه نفري ساڻ ڪري شھر جي مختلف علائقن سميت بازار جو گشت ڪري انتظامن جو جائزو ورتو ۽ واپارين سان ملاقات ڪئي
ايس ايڇ او علي اڪبر چنا چيو ته سماج دشمن عناصرن خلاف ڪارروايون جاري آھن ۽ جاري رهندي ڪنهن کي به امن امان خراب ڪرڻ جي اجازت نه ڏني ويندي،
عيد جي موقعي تي گشت تيز ڪري ڇڏيو آھي شھر جي خارجي ۽ داخلي رستن تي پوليس پڪٽون قائم ڪري ڇڏيون آهن ته جيئن شھر اندر ڪو به اڻ وڻندڙ واقعو پيش نه اچي سگهي.
جُون 29, 2023