ڪراچي: گورنر سنڌ ڪامران خان ٽيسوري يتيم ٻارڙن ۾ ٻڪرا ورهايا
ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي گورنر ڪامران خان ٽيسوري گورنر هائوس ۾ يتيم ٻارن ۾ ٻڪرا ورهايا، ياد رهي ته سنڌ جي گورنر طرفان عيد الاضحيٰ تي قرباني لاءِ 100 يتيم ٻارن کي مفت ٻڪرا فراهم ڪيا پيا وڃن،
گورنر سنڌ چيو ته ان مهم جو مقصد اهڙن ٻارن ۽ انهن جي گهروارن کي عيد جي خوشين ۾ شرڪت ڪرڻ آهي، جڏهن ته عيد الاضحيٰ تي 100 اٺ به ذبح ڪيا ويندا ۽ انهن جو گوشت ضرورتمندن ۾ ورهايو ويندو، هن چيو ته يتيمن جي سار سنڀال اسان سڀني جي گڏيل ذميواري آهي ۽ 100 يتيم ٻارن کي ٻڪرا فراهم ڪرڻ تي الله تعاليٰ جا شڪر گذار آهيان.
جُون 29, 2023