ڪراچي: گورنرسنڌ پاران گھنٽي وڄائڻ وارن سائلين سان ملاقات ڪئي
ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)سنڌ جي گورنر ڪامران خان ٽيسوري اميد جي گھنٽي وڄائڻ وارن سائلين سان ملاقات ڪئي، سنڌ جي گورنر طاقتور پاڪستان پروگرام تحت يونٽي فوڊز راشن بيگز جا ڪارڊ پڻ ورهايا،
واضح رهي ته سنڌ جو گورنر ڪامران خان ٽيسوري طاقتور پاڪستان پروگرام جو برانڊ ايمبيسيڊر بہ آهي، اهي راشن بيگز عيد جي موقعي تي ضرورتمند ماڻهن ۾ ورهايا ويندا،
گورنر سنڌ چيو ته طاقتور پاڪستان پروگرام تحت ضرورتمند ماڻهن کي 6 مهينن تائين راشن فراهم ڪيو ويندو، هن وس وارن کي اپيل ڪئي ته هو هن پروگرام جو ڀرپور ساٿ ڏين ته جيئن ان کي ڪاميابي سان جاري رکي سگهجي.
جُون 29, 2023