ڪراچي: گلستانِ جوھر ۾نواب شبير احمد چانڊيو جي 14ورسي ملھائي وئي

Spread the love

ڪراچي ( رپورٽ: ثناء اللھ هڪڙو ) نواب شبير احمد چانڊيو جي 14ورسي جي موقعي تي ملڪ جي مختلف علائقن ۾ ننگر   خارائي خراج تحسين پيش ڪيا ويا.

 نواب شبير احمد چانڊيو پاڪستان جي سياست ۾ هڪ ماياناز حيثيت رکندڙ باڪردار شخصيت هيو. منصور چانڊيو ڪراچي گلستان جوهر ۾ مرحوم غيبي نواب شبير احمد چانڊيو 14ورسي جي موقعي تي کين خراج تحسين پيش ڪيو ويو. ان موقعي تي صحافي منصور چانڊيو ۽ ٻين ٻڌايو ته نواب شبير احمد چانڊيو  جو يادگار انٽريو پنهجي مڪمل زندگيءَ بابت سياست ۾ اچڻ جو مقصد ۽ ان کان پوءِ تڪليفون ڏسڻ ثابت قدم ٿي بيهي رهڻ هڪ بي مثال هيو..

 هنن وڌيڪ چيو ته نواب شبير احمد چانڊيو قمبر شهدادڪوٽ ضلعي ۾ تمام وڏا ترقياتي ڪم ڪرائڻ سان گڏوگڏ عوام  سان هميشه ڏک سک ۾ ساٿ ڏنو ۽ پنهجو پاڻ نڀايو اڄ سندس 14هي ورسي جي موقعي تي خراج تحسين پيش ڪيون ٿا ۽ دعا ٿا ڪيون ته رب پاڪ مرحوم جا درجا بلند ڪري جنت الفردوس ۾ جڳھ عطا فرمائي آمين.

جُون 29, 2023

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو