ڪراچي جي سينئر صحافي فدا حسين جيسر جو وڏو ڀاءُ فوت، تعزيت جو سلسلو ھلندڙ

Spread the love

ڏوڪري (رپورٽر)  ڪراچي جي سينئر صحافي فدا حسين جيسر جو وڏو ڀاء لاڏاڻو ڪري ويو، ڏوڪري ڀرسان تدفين ان ڏس ۾ روزنامه انگريزي اخبار “ڪراچي ٽائمز” ۽ سنڌي ٻولي ۾ شايع ٿيندڙ “اڄوڪي اخبار” جي چيف ايڊيٽر سينئر صحافي فدا حسين جيسر جو وڏو ڀاء حاجي مشتاق علي جيسر گهڻو عرصو بيمار رهڻ سبب  لاڙڪاڻي ۾ لاڏاڻو  ڪري ويو.

مرحوم پونئرن ۾ هڪ نياڻي ۽ چار پٽ سوڳوار ڇڏيا آهن.  مرحوم کي  ڏوڪري ڀرسان ڳوٺ سيد بچل شاهه جي اباڻي قبرستان ۾ آلين اکين سان دفنايو ويو.   جنازي نماز ۾ علائقي جي  معززين سميت آس پاس جي عوام وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي

هوڏانهن  مرحوم جي عزيزن ۽ رشتيدارن سان  تعزيت جو سلسلو شروع ٿي ويو آهي. ڏوڪري پريس ڪلب جي صحافين سينئر صحافي فدا حسين جيسر سان تعزيت ۽ ڏک جو اظهار ڪيو آهي.

جُون 29, 2023

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو