ڪراچي: جوابدار جبران کي پوليس عدالت ۾ پيش ڪري ڇڏيو

Spread the love

ڪراچي (رپورٽر)جڊيشنل مجسٽريٽ سائوٿ جي عدالت ۾ جناح اسپتال ۾ ٽڪ ٽاڪر عالشه جي لاش چئي فرار ٿيندڙن جوابدار جبران کي پوليس عدالت ۾ پيش ڪري ڇڏيو آهي .

پوليس عدالت ۾ چيو ته جوابدار جي سي آراو ۽ روپوش جوابدارن جي حوالي سان جاچ ڪرڻ جي لاءِ جسماني رمانڊ ڏنو وڃي .پوليس چيو ته جوابدار کي سي سي ڊي فويج جي مددسان گرفتار ڪيو ويو آهي .

جوابدارعدالت کي چيو مون تي تشددنه ڪيو ويو .زمين تان لاش اسپتال تائين اچڻ منهنجو ڏوهه ٿي ويو .عدالت اوهان ايمولنيس ياون فائيو تي ڪال چونه ڪئي .وڪيل صفائي چيو ته جوابداران پڙهه آهي جنهن ڪري هو پوليس يا ايمولنيس سروس سان رابطو نه ڪيو .

عدالت جبران کي ٻه ڏينهن جي جسماني رمانڊ تي پوليس جي حوالي ڪري ڇڏيو آهي .عدالت 30جون تي ٻيهر پيش ڪرڻ جو حڪم ڏيندي اڳڀرائي رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي.

جُون 29, 2023

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو