ڏوڪري لڳ پاڻي جي کوٽ خلاف آبادگارن پاران احتجاجي مظاھرو
ڏوڪري (رپورٽر) ڏوڪري ڀرسان رائيس ڪئنال ۾ پاڻي جي کوٽ خلاف ڳوٺ سيھڙ اسٽيشن جي آبادگارن امجد سرگاڻي،فاروق سرگاڻي جي اڳواڻي ۾ پلي ڪارڊ ھٿن ۾ کڻي نٽھڻ اس ۾ ٽن ڪلاڪن تائين احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو،
ان موقعي تي فاروق سرگاڻي امجد سرگاڻي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو آھي ته ايريگيشن جي لاپرواهي سبب اسان کي پاڻي نٿو ڏنو وڃي،هنن چيو ته اسان جو ساريالو ٻيجارو به پوکجي ناهي سگهيو،هنن چيو ته ايريگيشن کاتي جا عملدار هٿرادو پاڻي جي کوٽ پئدا ڪري رهيا آھن،
هنن چيو ته ايريگيشن کاتي جا عملدار پاڻي پئسن تي بااثرن کي ڏين ٿا جنهن ڪري پاڻي جي کوٽ پئدا ٿي وئي آھي،هنن مطالبو ڪيو آھي ته بنا دير پاڻي جي هٿرادو کوٽ ختم ڪري اسان جي بيچيني ختم ڪئي وڃي.ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وسيع ڪيو ويندو.
جُون 29, 2023