ڏوڪريو: عيدالاضحيٰ جي موقعي تي موهن جو دڙو جا قديم آثار بند رهندا

Spread the love

ڏوڪري (رپورٽر) عيدالاضحيٰ جي سرڪاري موڪلن دوران سنڌ جو قديم ماڳ موهن جو دڙو جا قديم آثار اڄ عيد تي بند رهندا.جڏهن تہ ميوزيم ۽ پارڪون عام ماڻهن لاء کليل رهنديون.ثقافت کاتي پاران اهڙو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آھي،

هوڏانهن ڊائريڪٽر آرڪيالاجي عبدالفتاح شيخ جو چوڻ ھو ته عيد جي موڪلن دوران سڄي سنڌ مان هزارن جي تعداد ۾ ماڻهو ماڳ تي گهمڻ ايندا جنهن سبب قديم آثارن کي نقصان ٿيڻ جو خطرو آهي جنهن سبب قديم آثار بند ڪري ميوزيم ۽ پارڪون کوليون ويون آهن.

هن چيو ته قديم ماڳ تي عيد جي موڪلن دوران موهن جو دڙو تي سيڪيورٽي انتظام سخت ڪيا ويا آهن. آثارن تي مختلف لنگهن کان چڙهڻ کان روڪڻ لاء ملازمن جون موڪلون بند ڪري مختلف جڳهن تي ڊيوٽيون لڳايون ويون آهن.هن جو وڌيڪ چوڻ ھو ته ايس ايس پي لاڙڪاڻو ۽ ڊي سي لاڙڪاڻو کي ليٽر جاري ڪري عيد جي موڪلن دوران سيڪيورٽي سخت رکڻ لاء پوليس جي اضافي نفري فراهم ڪرڻ جو پڻ چيو ويو آهي.جيئن امڪاني طور ڪنهن بہ اڻوڻندڙ واقعي تي قابو پائي سگهجي.

جُون 29, 2023

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو