ڌيءَ کي ڪورٽ پيش ڪري ملاقات ڪرائي انصاف ۽ تحفظ ڏنو وڃي: منور علي
دادو(رپورٽ:سرور جلال سولنگي ) ميهڙ شفيع محمد ڪالوني جي رهواسي منورعلي جانوري دادو پريس ڪلب تي داهيندي چيو ته 9 مهينا اڳ منهنجي 17 سالا ڌي فرزانه عرف مائره جانوري کي هٿياربند غلام حسين لغاري،راشد لغاري،زاهد لغاري، صدام لغاري ۽ ٻيا هٿيار جي زور تي زبردستي اغوا ڪري ويا هئا
جنهن جو ڪيس ڪورٽ جي حڪم تي ميهڙ اي سيڪشن تي داخل آهي گذريل ڏينهن ناري هٿيار بندن کان فرار ٿي ڪي اين شاھ ٿاڻي تي پناهه لاءِ پهتي ته ڪي اين شاه پوليس نياڻي کي ميهڙ پوليس جي حوالي ڪري ڇڏيو جاچ آفيسر اي ايس آء پرويز ملاح ڌيءَ کي عدالت ۾ پيش ڪرڻ لاءِ 20 هزار رشوت گهري رهيو آهي،
اسان کي ملاقات ڪرڻ نٿو ڏئي، هنن آء جي سنڌ، ڊي آء جي حيدر آباد ايس ايس پي دادو مطالبو ڪيو ته فوري طور معاملي جو نوٽيس وٺي ڇوڪري کي ڪورٽ پيش ڪري مون سان انصاف ڪري تحفظ ڏنو وڃي.
جُون 29, 2023