نصير آباد لڳ پ ٽ الف اڳواڻ جي ڀاءُ کان موٽر سائيڪل، رقم ڦر
وڳڻ (رپورٽر: عاجز چانڊيو ) نصيرآباد ٿاڻي جي حد ڳوٺ جاني بند وٽ انڊس ھاء وي تان نامعلوم ڦورو ڳوٺ صوبدار جتوئي واسي پ ٽ الف اڳواڻ بخت علي جتوئي ۽ سندس ڀاء پرائمري استاد عجب جتوئي کان سي ڊي موٽرسائيڪل موبائل فون روڪ رقم ۽ ٻيو سامان ڦر ڪري آساني سان فرار ٿي ويا
ڦر واقعي خلاف ڳوٺاڻن جو وڪا موري وٽ انڊس ھاء وي تي ڌرڻو روڊ بلاڪ ايندڙ ويندڙ ٽريفڪ معطل ٿي وئي نصيرآباد پوليس خلاف سخت نعريبازي ڪئي اطلاع تي ڊي ايس پي نصيرآباد ايٽ وڳڻ مير مھدي رضا ٽالپر پھچي مظاھرين سان ڳالھيون ڪري روڊ کولراي.
جُون 29, 2023