منظور وساڻ پي ٽي آءِ ڇڏيندڙن کي خبردار ڪري ڇڏيو

Spread the love

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پ پ جي سينيئر اڳواڻ منظور وساڻ چيو آهي ته پي ٽي آءِ ڇڏيندڙ خوش فهمي ۾ نه رهن ته اهي گرفتاري کان بچي ويندا.

منظور وساڻ پنهنجي بيان ۾ دعويٰ ڪئي ته ملڪ ۾ ايندڙ وقت پ پ جو هوندو، هر جاءِ تي پ پ ئي نظر اچي رهي آهي، هونئن به هي ٻه ٽي مهينا ملڪ ۾ چونڊن جا آهن.

هن چيو پي ٽي آءِ ڇڏيندڙ خوش فهمي ۾ نه رهن ته اهي گرفتارين کان بچي ويندا، پي ٽي آءِ مجنن جي پارٽي آهي ۽ هاڻ سڀ مجنون ٻين پارٽين ۾ وڃي رهيا آهن.

سندس چوڻ هو ته هي سال تمام گهڻو گرم هوندو، جيلن ۾ ويندڙ گرمي ۽ سختي برداشت نه ڪري سگهندا، ٿي سگهي ٿو ته جيلن جون ذميواريون هاڻ اسان کي ڏنيون وڃن.

جُون 29, 2023

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو