ملير: شيدي ڳوٺ ۾پُراسرار بيماري جا ھاڃاھ، 2 عورتون فوت

Spread the love

ملير(ڊر) شيدي ڳوٺ ۾ پُراسرار بيماري جا ھاڃاھ، 2 عورتون فوت، ڪيترائي ئي ماڻھو اسپتال داخل، صحت کاتو منظر تان غائب، سماجي اڳواڻن ۽ علائقي واسين حڪومت کان ڪيمپ لڳائي چڪاس ڪرڻ جي گھر ڪري ڇڏي

 تفصيل موجب: ملير جي يونين ڪونسل درساڻو ڇنو جي شيدي ڳوٺ ۾ پراسرار بيماري سبب ڳوٺ جون 2 عورتون 26 ورھين جي عابده زال غلام رسول ۽ 30 ورھين جي ناٿل زال امير بخش فوت ٿي ويون آھن جڏھن تہ 25 کان وڌيڪ عورتون، مرد ۽ ٻارڙا پرائيوٽ اسپتالن  ۽ ميمڻ ڳوٺ اسپتال ۾ داخل ڪيا ويا آھن

جڏھن ته ٻن مريضن کي جناح اسپتال ڪراچي منتقل ڪيو ويو آهي ان سلسلي ۾ سماجي اڳواڻن رمضان خاصخيلي، حسين ساگر خاصخيلي ۽ ٻين ٻڌايو تہ ڳوٺاڻن کي پيٽ ۾ تڪليف ٿي پئي آھي جنھن جي مقامي ڊاڪٽرن کي بہ سُڌ نٿي پئي ان بيماري سبب 2 ڳوٺاڻيون فوت ٿي ويون آھن ۽ ڪافي ماڻھو اسپتال داخل آھن

ھن چيو تہ صحت کاتي جو سيڪريٽري ۽ ملير جا چونڊيل نمائندا ھنگامي بنياد تي نوٽيس وٺي ڳوٺ ۾ ماھر ڊاڪٽرن جي ڪئمپ لڳائين تہ جيئن ڳوٺاڻن کي رليف ملي ۽ سندن حياتيون بچي سگھن.

جُون 29, 2023

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو