سيڪيورٽي فورسز جو باجوڙ ۾ آپريشن، 3 دهشتگرد مارجي ويا

Spread the love

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) سيڪيورٽي فورسز باجوڙ ۾ انٽيليجنس اطلاعن تي آپريشن ڪري 3 دهشتگردن کي ماري ڇڏيو.

آءِ ايس پي آر موجب سيڪيورٽي فورسز باجوڙ جي علائقي عنايت قلعي ۾ دهشتگردي جي موجودگي جي اطلاع تي انٽيليجنس بيسڊ آپريشن ڪيو.

آءِ ايس پي آر ٻڌايو ته سيڪيورٽي فورسز ۽ دهشتگردن وچ ۾ فائرنگ جي سخت ڏي وٺ ٿي، فائرنگ جي نتيجي ۾ شفيع سميت 3 دهشتگرد مارجي ويا، مارجي ويل دهشتگردن جي قبضي مان هٿيار، گولا ۽ بارود به هٿ آيو.

آءِ ايس پي آر موجب دهشتگرد سيڪيورٽي فورسز خلاف ڪارروائين ۽ معصوم شهرين جي قتل ۾ ملوث هئا، علائقي ۾ دهشتگردن جي خاتمي لاءِ ڪليئرنس آپريشن جاري آهي، علائقي واسين دهشتگردي جي خاتمي لاءِ ڀرپور سهڪار ڪيو.

جُون 29, 2023

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو