سيوھڻ شريف: درگاھ حضرت لعل شهباز قلندر رحھ جي اڱڻ تي بااثر ماڻهن جو قبضو
سيوھڻ شريف (رپورٽ: محمد صفر سيوھاڻي) درگاھ حضرت لعل شهباز قلندر رحمت الله عليہ جي اڱڻ تي بااثر ماڻهن جو قبضو، بااثر قبضا خورن جا درگاھ جي سيڪيورٽي پوائنٽ ڀرسان سوين فٽن تي دوڪان اڏيل،
ضلعي انتظاميه ڄامشورو ۽ تعلقہ انتظاميہ سيوھڻ ۽ اوقاف کاتو سيوھڻ اگھور ننڊ ستل، درگاھ جي آڙ ۾ ڪرپشن جي بازار گرم، اوقاف کاتي جا عملدار ڪک پتي مان لک پتي بڻجي ويا،حضرت لال شهباز قلندر رحمت الله عليہ جي مزار اوقاف کاتي جي ملازمن لاء سوني جهرڪي بڻيل.
ھوڏانھن درگاھ حضرت لعل شهباز قلندر رحمت الله عليہ تي ايندڙ پانڌيئڙن کي لٽڻ جو سلسلو اڃان تائين جاري ۽ ساري، ذريعن موجب بااثر ٺيڪيدار سياسي آشريواد تحت چپلن جو بي نامي ٺيڪو ڄاڻاڻي درگاھ حضرت قلندر لعل شھباز رحمت الله عليہ جي پانڌيئڙن کي لٽڻ لڳو،
بااثر ٺيڪيدار درگاھ حضرت قلندر لعل شهباز رحمت الله عليہ تي ايندڙ پانڌيئڙن کان چپل جمع ڪرائڻ جي عيوض 20 روپيا في چپل جوڙي وصول ڪرڻ لڳو، جڏھن ت ذريعن کان آھيو ب معلوم ٿيو آھي ت اوقاف کاتي جي ايڊمنسٽريٽر ۽ سيوھڻ درگاھ جي ميئنيجر ڪيتري وقت کان چنپلن جو ٺيڪو، تڏن جو ٺيڪو، گلن جو ٺيڪو، ۽ لنگر خاني جو ٺيڪو سالن کان انھن مٿي ڏسيل ٺيڪن جو نيلام ن ڪرايو آھي جيڪو سراسر غلط عمل آھي،
ذريعن کان معلوم ٿيو آھي ت سرڪاري ٺيڪي مطابق به ٺيڪيدار کي في چپل جي جوڙي تي 5 روپيه وصول ڪرڻا آھن، پر ھتي چينپلن جي ھٿ ٺوڪي ٺيڪيدار کان ڪير ب پڇڻ وارو ن آھي.
سيوھڻ جي عوام سنڌ حڪومت جي چيف سيڪريٽري اوقاف کاتي جي صوبائي وزير سنڌ ۽ اوقاف کاتي سنڌ جي سيڪريٽري کان مطالبو ڪري ٿي ت خدارا سيوھڻ جي حضرت قلندر لعل شھباز رحمت الله عليه جي مزار تي گذريل ڪيتري عرصي کان جيڪي ٺيڪا عام نيلام ن ڪيا ويا آھن انھن ٺيڪن جي جانچ ڪرائي اوقاف کاتي جي ايڊمنسٽريٽر حيدرآباد ۽ ٻين واسطيدار اوقاف جي عملدارن خلاف قانوني قدم کنيو وڃي.
جُون 29, 2023