جنرل عاصم منير آرمي چيف ڪيئن بڻيو؟ ن ليگ سينيٽر وڏو انڪشاف ڪري ڇڏيو

Spread the love

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ن ليگ اڳواڻ سينيٽر عرفان صديقي جنرل عاصم منير جي آرمي چيف بڻجڻ ۾ نواز شريف جي ڪردار بابت وڏو انڪشاف ڪيو آهي.

نجي ٽي وي چئنل سان ڳالهائيندي سينيٽر عرفان صديقي دعويٰ ڪئي ته پاڪ فوج جو اڳوڻو سربراهه جنرل قمر جاويد باجوا موجوده سپهه سالار جنرل عاصم منير جي مقرري جي خلاف هو، جنرل باجوا پنهنجي مرضي جو آرمي چيف لڳرائڻ چاهيو پر نواز شريف چيو ته جيڪو جنرل سينارٽي لسٽ ۾ پهرئين نمبر تي آهي، ان کي ئي آرمي چيف بڻايو ويندو.

هن چيو ته ان حوالي سان جنرل باجوا گهڻو دٻاءُ وجهڻ جي به ڪوشش ڪئي پر نواز شريف پنهنجي فيصلي تي قائم رهيو، نواز شريف جو موقف هو ته آرمي چيف جي مقرري وزيراعظم جو اختيار آهي، جنهن کي اتحادي جماعتن جي مشاورت سان استعمال ڪيو ويندو.

سندس چوڻ هو ته نومبر 2022 ۾ تحريڪ انصاف ۽ پي ڊي ايم جون ٻيون جماعتون جنرل قمر جاويد باجوا کي آرمي چيف جي عهدي ۾ هڪ ٻي واڌ ڏيڻ لاءِ راضي ٿي ويون هيون پر جڏهن اهو پيغام نواز شريف تائين پهتو ته هو ان فيصلي اڳيان ڀت بڻجي بيهي رهيو.

عرفان صديقي موجب نواز شريف مون کي ٻڌايو ته واڌ لاءِ حڪومت کي ڌمڪيون به مليون ۽ چيو ويو ته مارشل لا به لڳي سگهي ٿو پر نواز شريف پنهنجي ڳالهه تي قائم رهيو.

جُون 29, 2023

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو