آءِ ايم ايف سان نائون جائزو مڪمل نه ٿيو ته ڇا ٿيندو؟

Spread the love

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ناڻي واري وزارت جي ذريعن جو چوڻ آهي ته نائون جائزو مڪمل نه ٿيڻ جي صورت ۾ آءِ ايم ايف سان مختصر مدي جو اسٽينڊ باءِ معاهدو ڪري سگهجي ٿو.

ذريعن موجب پاڪستان پنهنجي ڪوٽا جا اڍائي ارب ڊالر وٺي سگهي ٿو، پاڪستان لاءِ آءِ ايم ايف جي قرض پروگرام جو مدو ختم ٿيڻ ۾ رڳو ٻه ڏينهن باقي رهجي ويا آهن، اهڙي صورتحال ۾ ناڻي واري وزارت آءِ ايم ايف کي تجويز ڏني آهي ته بورڊ اجلاس نه ٿي سگهي ته پروگرام ۾ 6 مهينن جي واڌ ڪئي وڃي، اسٽينڊ باءِ معاهدي جو ڪاٿو ساڍا 3 ارب ڊالر ڪيو وڃي.

ذريعن جو چوڻ آهي ته پاڪستان کي گڏيل عرب امارتن کان ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ وڌيڪ هڪ ارب ڊالر ۽ سعودي عرب کان به وڌيڪ ٻه ارب ڊالر جولاءِ ۾ ملڻ جي اميد آهي.

هوڏانهن پاڪستان ۾ آءِ ايم ايف مشن چيف ناٿن پورٽر چيو آهي ته پاڪستان سان معاهدي تي پهچڻ لاءِ ڳالهيون جاري آهن، پاڪستان قرض پروگرام جي بحالي لاءِ بجيٽ ۾ فيصلائتا قدم کنيا آهن.

جُون 29, 2023

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو