ڪراچي: سهراب ڳوٺ ۾ ڪي اليڪٽرڪ جي زيادتين خلاف رهواسين پاران احتجاج
ڪراچي (رپورٽ: ثناءُ ﷲ هڪڙو) ڪراچي سهراب ڳوٺ ٽائون ايوب ڳوٺ بلاڪ ڊي ۾ مهيني کان ٽرانسفارمر خراب هجڻ سبب علائقي واسين کي بجلي جي فراهمي معطل آهي
بجلي جي بندش خلاف عوام روڊن تي نڪري آئي، احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو.احتجاج ۾ سخت گرمي هوندي به ننڊن ٻارن بزرگن به شرڪت ڪئي. مظاهرين جي هٿن ۾ بينر ۽ پلي ڪارڊ هئا جن تي لکيل هو ته ظالمو ظلم بند ڪيو ايوب ڳوٺ جي بجلي بحال ڪيو جهڙا نعرا لکيل هئا.
ان موقعي تي خطاب ڪندي اڳواڻن چيو ته ايوب ڳوٺ ڊي بلاڪ ۾ مهيني کان وٺي ٽرانسفارمر بند آهي جنهن سبب بجلي مسلسل معطل هجن سبب علائقي واسي سخت پريشانين کي منهن ڏيڻ تي مجبور آهن سندن چوڻ هو ته هو هر مهيني بجلي جو بل به ادا ڪن ٿا
هنن چيو ته ڪافي ڀيرا ڪي اليڪٽرڪ وارن کي شڪايتون ڪيون درخواستون پڻ ڏنيون آهن پر ان جو ڪو به ازالو نه ڪيو ويو هنن چتاءُ ڏيندي چيو ته 72 ڪلاڪن ۾ بجلي جي فراهمي کي يقيني بڻائي ٽرانسفارمر تبديل ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.
جُون 28, 2023