سانگهڙ: علي حسن هنڱورجو جي صدارت ھيٺ اجلاس منعقد  

Spread the love

سانگهڙ (رپورٽ: شاهنواز رونجهو) ضلعي ڪائونسل چيئرمين سانگهڙ علي حسن هنڱورجو پاران چونڊجڻ بعد پھرين گڏجاڻي ميونسپل ڪاميٽي ۽ ٽائون ڪاميٽي جي چيئرمينن سان ڪئي وئي

جنهن ۾ تمام چيئرمينن ۽ ڊپٽي ڪمشنر سانگهڙ ڊاڪٽر محمد اسحاق گاد شرڪت ڪئي. ضلعي ڪائونسل چيئرمين علي حسن هنڱورجو انهي موقعي تي تمام چيئرمين کي هدايت ڪئي ته هو صفائي سٿرائي جو خيال رکن ۽ عيد جي موقعي تي عوام کي بهترين ۽ صاف سٿرو ماحول فراهم ڪرڻ اسان جي اولين ترجيج هوندي.

 انهي موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر سانگهڙ ڊاڪٽر محمد اسحاق گاد پاران تمام لوڪل گورنمينٽ آفيسرن کي هدايت ڪئي ته هو عيد تي موقعي تي پنهنجي ڊيوٽي تي موجود رهن ۽ صفائي سٿرائي جو خيال رکن گڏجاڻي ۾ تمام تعلقن جي اسسٽنٽ ڪمشنر سميت لوڪل گورنمينٽ آفيسر پڻ موجود هئا.

جُون 28, 2023

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو