ڏوڪري ۾ مهانگائي عروج تي،  انتطاميا خاموش، پورھيت طبقو پريشان

Spread the love

ڏوڪري (رپورٽر) ڏوڪري تعلقي ۾ مهانگائي جن بوتل کان ٻاهر نڪري آيو، مهانگائي عروج تي پهتل، پورهيت  طبقو پريشاني جو شڪار ٿي ويو،  تعلقي انتطاميا خاموش تماشائي بڻيل،

شهرين جو اسٽنٽ ڪمشنر ڏوڪري کي لکت ۾ شڪايت، ڏوڪري تعلقي ۾ مهانگائي تي ڪنٽرول نه ٿي سگهيو، مهانگائي پورهيت، غريب مسڪين ۽ بيروزگار طبقو پريشانين ۾ مبتلا ٿي ويا،

تعلقي انتطاميا خاموش تماشائي بڻيل آهي. ان ڏس ۾ وڏو گوشت 700 کان 800 روپيا ڪلو، وڏو گوشت اسپيشل 1000 کان 1200 ڪلو، ٻاڪرو گوشت 1500 کان 1600 روپيا ڪلو، مڇي 350 روپيا ڪلو، اٽو چانور جو 140، اٽو ڪڻڪ جو 140 کان 150 روپيا ڪلو، کنڊ 125 روپيا، دال چڻا 270 روپيا، گيھ 400 روپيا ڪلو، پڪوان تيل 500 روپيا ليٽر، سبزي پٽاٽا نمبر هڪ 80 کان 100 روپيا، پٽاٽا نمبر ٻه 60 کان 70 روپيا ڪلو، بصر سڪا 60 کان 80 روپيا ڪلو، ٽماٽا 100 روپيا ڪلو، مرچ ساوا 120 روپيا ڪلو، بيھ 150 روپيا ڪلو، ڀينڊيون 80 روپيا ڪلو، توريون 80 روپيا ڪلو، ڪريلا ديسي 120 روپيا، ڪريلا هائبرڊ 80 روپيا ڪلو، واڱڻ 80 روپيا، گل گوبي 80 روپيا، بند گوبي 80 روپيا ڪلو، ميھا 120 روپيا ڪلو، ليما 180 روپيا ڪلو، گجر لاهوري 120 روپيا ڪلو، انبڙيون 70 روپيا ڪلو، کيرا 80 روپيا، ڪدو 100 روپيا ڪلو، پيز مٽر 169 روپيا ڪلو، انب 150 کان 180 روپيا في ڪلو واپارين پاران اگھ مقرر ڪيا ويا آهن جڏهن ته سبزي، گوشت، مڇي، غريبن کان کائڻ به وسري وئي آهي.

جڏهن ته جماعت اهلسنت جي تعلقي صدر حافظ شوڪت علي جتوئي، حافظ محمد ملوڪ پنهور ۽ ٻين پاران اسٽنٽ ڪمشنر ڏوڪري محسن رضا دستي سان ملاقات ڪري مهانگائي وڏي وڃڻ جون لکت ۾ شڪايت ڪرڻ جي باوجود اسٽنٽ ڪمشنر ڏوڪري پاران نوٽيس نه ورتو آهي

  ان ڏس ۾ هتان جي سياسي، سماجي مذهبي تنطيمن جي اڳواڻن توڙي ڪارڪنن رڪ سنڌي،عابد علي، احسن علي ۽ ٻين ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته سنڌ حڪومت مهانگائي تي ڪنٽرول ڪرائڻ ۾ ناڪام وئي آهي، هنن چيو ته  مختيارڪار ۽ اسسٽنٽ ڪمشنر شهر ۾ مهانگائي تي ضابطو آڻي نه سگهيا آهن نه ئي واپارين خلاف ڪارروائي ڪري رهيا آهن،

اسٽنٽ ڪمشنر نه ئي شهر ۾ نڪري واپارين ۽ دوڪاندارن خلاف ڪارروائي نه ڪري سگهيا آهن  مارڪيٽ ڪاميٽي جا ملازم واپارين سان ملي ڀڳت ڪري واپارين جي چوڻ مطابق اگھن جون لسٽون ڏئي رهيا آهن

هنن مطالبو ڪيو ته مهانگائي تي ضابطو آڻي منافعي خور واپارين ۽ مارڪيٽ جي ملازمن خلاف ڪارروائي ڪري گهٽ اگهن ۾ عام واهپي جي شين جا اگھ مقرر ڪرايا وڃن ٻئي صورت ۾ وڌيڪ احتجاج ڪيو ويندو.

هوڏانهن اسٽنٽ ڪمشنر ڏوڪري محسن رضا دستي سان رابطو ڪرڻ تي ميڊيا کي ٻڌايو ته وڌيڪ اگھ وٺندڙ خلاف ڪارروائي ڪري رهيا آهيون جلد مهانگائي تي ڪنٽرول ڪرايو ويندو منافعي خور واپارين خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي.

جُون 28, 2023

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو