ڏوڪري ۾ قربان علي جلباڻي پاران مجلس عزا منعقد ڪئي وئي
ڏوڪري(رپورٽر) امام محمد باقر علیہ السلام، امير مسلم بن عقیل عليہ السلام جن جي شهادت جي حوالي سان ڏوڪري ڀرسان ڳوٺ دوست محمد جلباڻي ۾ زوار الھ وڌايو، زوار سجاد علي، زوار احمد علي، قربان علي جلباڻي پاران مجلس عزا منعقد ڪئي وئي
مجلس عزا کي علامہ منظور حسین سولنگي، علامہ رياض حسين نجفي، علامہ اسد علي شر، علامہ رياض حسين الحسيني، علامہ ڊاڪٽر غلام علي عاملي، مولانا عرفان حيدر عابدي، مولانا ظهور حسين روحاني خطاب ڪندي چيو ته مولا محمد باقر عليہ السلام ۽ امير مسلم بن عقیل علیہ السلام جن جي شهادت 8 ذوالحج جي ڏهاڙي تي شهادت ٿي آهي.
هنن چيو ته 8 ذوالحج آل محمد ﷺ جن جي لاءِ تڪليف ۽ ڏکن ڀريو ڏهاڙو آهي، يزيد 8 ذوالحج جي ڏهاڙي تي مولا امام حسين عليہ السلام جن کي شهيد ڪرڻ لاءِ ڪعبۃ ﷲ ۾ هزارين جي تعداد ۾ قاتل موڪليا هئا، مولا حسين عليہ السلام 8 ذوالحج جي ڏينهن حج کي عمري ۾ تبديل ڪري ڪربلا لاءِ روانا ٿي ويا هئا،
مقررين جو چوڻ هو ته 8 ذوالحج تي امام محمد باقر عليہ السلام کي وقت جي يزيد شهيد ڪيو هو ۽ 8 ذوالحج جي ڏينهن تي مولا حسين عليہ السلام جن جي سفير امير مسلم ٻن عقيل عليہ السلام کي پنهنجي شهزادن کان جدا ڪري ڪوفي جي بازار ۾ پياسو شهيد ڪيو ويو، مجلس عزا کان بعد ۾ مومنن ۾ نينگر نياز تقسيم ڪيو ويو
جُون 28, 2023