ٽنڊوڄام:  زرعي يونيورسٽي ڪالوني واسين پاران بجلي جي بندش خلاف ڌرڻو

Spread the love

ٽنڊوڄام ( رپورٽ:  واجد علي چانڊيو) ٽنڊوڄام زرعي يونيورسٽي ڪالوني جي رهواسين پاران بجلي بندش خلاف ٻئي ڏينهن به عورتن ٻارڙن سميت روڊ تي تنبو هڻندي ڌرڻو هڻي ويهي رهيا،

ٽائرن کي باهيو، مسافرن ۽ مظاهرين ۾ چڪريون، 7 ڪلاڪ روڊ بند هجڻ سبب مسافر پريشان، مسافر عورتون ۽ ٻارڙا روڊ بند هجڻ سبب دربدر ٿي ويا, مسافر عورتن سميت پنڌ پنهنجي ننھ ٽڻ اس ۾ پنهنجي منزلن طرف روانا, روڊ بند هجڻ سبب ٻنهي پاسي سوين گاڏين جون قطارون لڳي ويون،

ڊپٽي ڪمشنر حيدرآباد,اسسٽنٽ ڪمشنر تعلقه حيدرآباد ٻهراڙي, ڊي ايس پي ۽ ايس ايڇ او پاران ٽياڪڙي جو ڪوششن سان 40 ڪلاڪن بعد بجلي بحال، لڳڻ ڌرڻو ختم, يونيورسٽي ترجمان طرفان به پريس رليز جاري، خبر موجب سنڌ زرعي يونيورسٽي ڪالوني جي رهواسين عورتن ۽ ٻارڙن سميت گذريل ٽن ڏينهن کان بجلي بند هجڻ خلاف حيدرآباد ميرپورخاص روڊ تي ڌرڻو هڻي ٽائرن کي باهيون ڏئي روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو،

جنهن سبب روڊ جي ٻنهي پاسن کان سوين گاڏين جو قطارون لڳي ويون، ڌرڻي ۽ سخت گرمي سبب مسافرن ۽ مظاهرين ۾ ڏند چڪ پڻ ٿيندي رهي. روڊ بند هجڻ سبب مسافر به گرمي جي شدت ڪري بيحال ٿي ويا جڏھن ته مسافرن طرفان گاڏين مان لهي ننھ ٽڻ اُس ۾ پنهنجي منزلن طرف روانا ٿيندا رهيا.

ڌرڻي ۾ ويٺل راهوسين ميڊيا اڳيان دانهيندي چيو ته اسان يونيورسٽي جي رهائشي ڪالوني جا رهواسي آھيون ۽ اسان جا بل به ادا ڪيل آھن پر ان باوجود واپڊا عملو هر ٻئي ڏينهن ڪالوني اندر اچي اسان جون لائينو ڪٽي ويندا آھن

هنن چيو ته گذريل ٽن ڏينهن کان بنا ڪنهن سبب جي يونيورسٽي سميت ڪالوني واسين جي ٽنڊوڄام فيڊر تان بجلي بند ڪئي وئي آھي هنن چيو قهر جي گرمي هوندي به ٽن ڏينهن کان بجلي بند ڪئي وئي آھي جنهن سبب پيڻ لاء پاڻي به گهرن ۾ موجود ناهي ۽ مسجدن ۾ به پاڻي موجود ناهي جنهن سبب وضو وغيره ڪرڻ ۾ به نمازين کي ڏکايون پيش اچي رهيون آھن

۽ بجلي بند هجڻ ۽ قهر برپاء ڪندڙ گرمي سبب عورتون ۽ ٻارڙا بي حال ٿي ويا آھن ۽ ٽن ڏينهن کان عذاب واري زندگي گذارڻ تي مجبور ٿي ويا آھيون هنن چيو ته بجلي جي بندش سبب گئس نه هجڻ ڪري رڌ پچاء نٿا ڪري سگهون

 هنن چيو ته يونيورسٽي جي بالا آفيسرن کان وٺي ضلعي انتظاميه جي عملدارن به حيسڪو انتظاميه کي بجلي بحال ڪرڻ لاء چيو ۽ ڳالهيون پڻ ڪيون پر حيسڪو انتظاميه پنهنجي هوڏ تي قائم آھن ۽ اسان جي بجلي بحال ڪرڻ لاء تيار ناهن جڏھن ته ٻئي پاسي زرعي يونيورسٽي جي ٽيچرس ايسوسيئيشن جي عهديدارن پڻ مظاهرين جي حمايت ڪندي بنا جواز بند ڪيل بجلي خلاف مظاهرين سان ڌرڻي ۾ شامل ٿي ويا ۽ واپڊا جي ڪيل ناجائزين خلاف سخت نعري بازي ڪندا رهيا.

هوڏانهن زرعي يونيورسٽي جي ترجمان پنهنجي جاري ڪيل پڌرائي ۾ چيو آھي ته گذريل ٽن ڏينھن کان ھٿ ٺوڪئي جھيڙي جو بنياد بڻائيندي حيسڪو پاران يونيورسٽي ڪئمپس ۽ رھائشي ڪالوني جي بجلي بند ڪئي وئي آھي،

جنھن سان يونيورسٽي جي ليبارٽرين ۾ 10 سالن کان ھلندڙ تحقيق جا ڊي اين اي ۽ آر اين اي سيمپل خراب ٿيڻ جو خدشو پيدا ٿي ويو آھي، جڏھن ته  بجلي بند ٿيڻ سان سنڌ زرعي يونيورسٽي جا تدريسي، انتظامي شعبا، شاگردن، استادن ۽ شاگردياڻين جون ھاسٽلون ۽ رھائشي ڪالوني نه صرف اونداھي جي ور چڙھيل آھي، پر يونيورسٽي ۾ ھلندڙ تجربات کي نقصان پھچايو پيو وڃي،

جاري پيل پڌرائي موجب واڌو ۽ غلط بلنگ، بلا جواز ڊڊڪشن وارن معاملن تان ڪالوني جي رھواسين ۽ حيسڪو عملي وچ ۾ اعتراض ھلندو رھندو آھي، پر معمولي تڪرار کي جواز ڄاڻائيندي حيسڪو عملي پنھنجي انتظاميه ۽ ضلعي انتظاميه کي غلط معلومات ڏئي ٽن ڏينھن کان بجلي بند ڪرڻ ڪٿان جا عقلمندي آھي، يونيورسٽي ترجمان موجب اداري ڏانھن حيسڪو جي ڪابه رھت ناھي، يونيورسٽي ڪئمپس جي 14 ٽرانسفارمرن جو موجودھ بل 48 لک روپيا وقت سان جمع ڪيو ويو آھي،

يونيورسٽي ڪالوني ۾ لڳل ستن ٽرانسفارمرن مان 4 ٽرانسفامرن جا بل ڪليئر آھن، ٽن ٽرانسفارمرن مان جيڪي رھتون آھن، انھن مان به پراڻن ۽ غلط ريڊنگ وارن بلن جي شڪايت ھجڻ باوجود يونيورسٽي انتظاميه حيسڪو سان تعاون ڪري بل رڪوري ۾ مدد ڪري رھي ھئي

 ۽ انھن ٽرانسفارمن  جي 24 لک روپين جي رھتن مان 18 لک روپين جي ادائيگي ٿي چڪي آھي، ان ڪري يونيورسٽي ڏانھن بجلي جي مد ۾ رھتن توڙي جھيڙي جو تاثر ڏيڻ غلط آھي، ۽ ھڪ سائنسي اداري کي نشانو بڻائڻ ۽ ماڻھن کي عذاب ۾ وجھڻ حيسڪو جي ھٺ ڌرمي سمجھون ٿا،

ڇاڪاڻ ته  ٽن ڏينھن کان بجلي بند رکڻ واري حرڪت سبب يونيورسٽي جي ليبارٽرين ۾ پي ايڇ ڊي ۽ ماسٽرس ڪندڙ شاگردن جا تجرباتي سيمپل خراب ٿي رھيا آھن، جيڪو ملڪي زراعت کي نقصان ھوندو،

جڏھن ته ملڪي ۽ عالمي ادارن سان رکيل آن لائين سيمينار ۽ ميٽنگ به  ڪينسل ٿي ويا آھن، ترجمان چيو يونيورسٽي جو ڊيڊيڪيٽ ۽ ايڪسپريس فيڊر آھي، جيڪو ٽنڊوڄام جي گرڊ اسٽيشن يونيورسٽي جي 10 ايڪڙ زمين تي ٺھيل آھي،

۽ معاھدي موجب ان ۾ لوڊشيڊنگ به نه ٿيڻ گھرجي، اھڙي ريت حيسڪو عملي پنھنجي مرضي سان ايڪسپريس فيڊر مان ٻين علائقن کي ڪنيڪشن ڏنا آھن، ترجمان چيو ته  پاڻي ۽ بجلي جو وفاقي وزير خرم دستگير، واپڊا چيئرمين ۽ حيسڪو جي اعليٰ انتظاميه معاملي جو فوري نوٽيس وٺي بند پيل بجلي بحال ڪرائڻ گھرجي. ٻئي طرف ڊي سي حيدرآباد, اسسٽنٽ ڪمشنر تعلقه حيدرآباد ٻهراڙي،

 ڊي ايس پي ۽ ايس ايڇ او ٽنڊوڄام ٽياڪڙي کانپوء 40 ڪلاڪن کان بند ڪيل بجلي بحال ڪئي وئي جڏھن ته بجلي بحال ٿيڻ کانپوء مظاهرين طرفان لڳڻ ڌرڻي ختم ڪرڻ جي اعلان بعد 7 ڪلاڪن کان بند پيل حيدرآباد ميرپورخاص روڊ کوليو ويو.

جُون 28, 2023

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو