لاڙڪاڻو : حاجي منور عباسي جي ورسي، تعزيتي ميڙاڪو ڪوٺايو ويو

Spread the love

لاڙڪاڻو )بيورو چيف: عبدالوحيد  ابڙو( لاڙڪاڻو ۾ اڳوڻي ايم پي اي حاجي منور علي عباسي جي 3 ورسي جي موقعي تي ڪوٽ دراب خان عباسي وليد پاڙي ۾ تعزيتي ميڙاڪو ڪوٺايو ويو،

 جنهن ۾ جي ڊي اي جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري ڊاڪٽر صفدر علي عباسي، ايم پي اي معظم عباسي، جي يو آءِ اڳواڻ محبت کهڙو، ق ليگ اڳواڻ بابو سرور سيال، همايو خان مغيري، تشڪيل جتوئي ۽ ٻين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي، جڏهن ته ميڙاڪي ۾ مرحوم حاجي منور علي عباسي کي سندس ڪيل خدمتن تي ڀيٽا پيش ڪئي وئي.

 ان موقعي تي مٿين اڳواڻن ميڙاڪي کي خطاب ڪندي چيو ته حاجي منور علي عباسي هڪ درويش ۽ فقيراڻي طبيعت جو مالڪ هيو، هو انتهائي خاموش ۽ هر ماڻهن جي عزت ڪندڙ انسان هيو. ان موقعي تي معظم علي عباسي خطاب ڪندي چيو ته منهنجي والد جي پنهنجي علائقي جي عوام سان سٺي ميل جهول هئي، جيڪو خوشي توڙي غمي ۾ هر وقت علائقي واسين سان گڏ هوندو هيو،

جڏهن ته وليد پاڙي ۾ جيڪو پي سي بي گرائونڊ موجود آهي اهو منهنجي والد مرحوم حاجي منور علي عباسي جي ڪاوشن جو نتيجو آهي، مان مايوس ٿي استيفيٰ ناهي ڏني، آئون چاهيا ٿو ته عوام جا مسئلا حل ٿيڻ گهرجن، شهر ۾ سڀ کان وڏو مسئلو ڊرنيج جو آهي،

جيڪو پڻ حل ٿيڻ گهرجي. هن چيو ته اڄ ڪلھ سياست جو نالو ڪاروبار آهي ۽ اسان کي پنهنجي والد عوام جي خدمت ڪرڻ جو رستو ڏيکاريو. جي ڊي اي جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري ڊاڪٽر صفدر عباسي خطاب ڪندي چيو ته آئون زندگي جا 58 سال پنهنجي ڀاءُ مرحوم حاجي منور علي عباسي سان گذاريا، ان جي شخصيت سڀني جي سامهون آهي،

اسان پنهنجي ڀاءُ جي نقش قدم تي هلندي عوام جي خدمت جاري رکيون ويٺا آهيون. ان موقعي تي ڊاڪٽر عبدالحميد شيخ، ديدار علي شاھ، اختر علي عباسي، انور علي کوکر، ڊاڪٽر مظهر مغل، منظور نعيمي، احمد علي شيخ، ممتاز علي عباسي ۽ ٻين پڻ تعزيتي ميڙاڪي کي خطاب ڪيو.

جُون 28, 2023

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو