سکر: پيپلز ليبر بيورو سٽي جي مجلس عاملھ جو اجلاس ٿي گذريو
سکر(رپورٽ: امداد علي گل ڪلوڙ)پيپلز ليبر بيورو سکر سٽي جي مجلس عاملا جو ھڪ اھم اجلاس سرڪٽ ھائوس سکر ۾ سٽي جي صدر لالا سيف الرحمان خان جي صدارت ۾ ٿي گذريو
اجلاس ۾ تنظيمي امور سميت اھم معاملن تي عھديدارن کان راء ورتي وئي اجلاس جي ڪارروائي جنرل سيڪريٽري آغا بشير ترين ھلائي اجلاس ۾ پيپلز ليبر بيورو سکر سٽي جي نائب صدر لال بخش چاچڙ کي سکر ميونسپل ڪارپوريشن ۾ ليبر جي سيٽ ملڻ تي کيس مبارڪباد پڻ ڏني وئي
اجلاس ۾ پيپلز ليبر بيورو جي سينيئر نائب صدر نياز احمد شيخ نائب صدر لال بخش چاچڙ ڊپٽي جنرل سيڪريٽري علي بخش رڏ جوائينٽ سيڪريٽري محمد ايوب شر انفارميشن سيڪريٽري علي حسن منگي ميڊيا ڪو آرڊينينٽر امداد علي ڪلوڙ شرڪت ڪئي۔
اجلاس م آيل معزز عهديدران کي صدر لال سيف ۽ آغا بشير ٿرين خطاب ڪنددي چيو ته مزدور ڀائرن سان مل مالڪلن پاران ناانصافين جي خلاف جهدوجهد ڪئي ويندي سکر ميونسپل ڪارپورشن ۾ مزدور ڀائرن جو نمائندو هاڻي موجود آھي
هنن وڌيڪ چيو ته حڪومت پاران مقرر پگهار ڏيارڻ يقني بڻائڻ جي پوري ڪوشش ڪئي ويندي ليبر کاتو ان سلسلي ۾ پنهنجو ڪردار اداڪري هنن وڌيڪ چيو ته پپلز ليبر بيورو سکر سٽي جا رهنما مزدور ڀائرن جي مسئلن کي اجاگرڪري انهن کي حل ڪرائندي
اجلاس ۾ قرارداد پيش ڪئي وئي
ته سکر جي فيڪٽرين ۾ مزدورن سان مل مالڪان طرفان ڏاڍائين جي حوالي سان ميونسپل ڪارپوريشن جي اجلاس ۾ ليبر ڊائريڪٽر کي گھرايو وڃي ان قرارداد کي متفق طورتي منظور ڪيو ويو.
جُون 28, 2023