سکر: ٺري ميرواھ جي ڳوٺ پيروسڻ واسي مغوي بازياب نه ٿي سگهيو
سکر(بيورو رپورٽ) خيرپور ضلعي جي ٺري ميرواھ تعلقي جي ڳوٺ پيروسڻ جو ست ڏينهن اڳ اغوا ٿي ويل نوجوان آفاق احمد عامر بازياب نه ٿي سگهيو مغوي نوجوان جي چاچي افياز احمد عامر سکر پريس ڪلب ۾ ننڍي ڀاء سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي ٻڌايو آھي
ته سندن ڀائيٽو آفاق احمد محراب پور کان واپس ڳوٺ ايندي رستي مان اغوا ٿي ويو آھي محراب پور ٿاڻي تي اغوا جي رپورٽ داخل ڪرائڻ باوجود پوليس نوجوان کي بازياب ناهي ڪرائي سگهي آفاق جي اغوا بعد سندس والد جي حالت خراب آھي
گهر ڀاتي سخت پريشاني جو شڪار آھن آفاق احمد جي 25 ڏينهن اڳ شادي ٿي آھي عيد جي خريداري لاء محراب پور ويو هو جتان ايندي کيس اغوا ڪيو آھي آفاق جي موٽر سائيڪل بهلاوارث حالت ۾ ملي۔ اسان جي ڪنهن سان به دشمني ناهي 2013 ۾ اڳ به کيس اغوا ڪيو ويو
هو افياز وڌيڪ ٻڌايو ته اسان ذميندار ۽ ڪاروباري ماڻهون آھيون۔هن وقت تائين ڪنهن به رابطو ناهي ڪيو آفاق جو موبائيل فون به مسلسل بند آھي هنن آء جي سنڌ ۔ڊي آء جي سکر ۽ايس ياس پي خيرپور کان اغوا جو نوٽيس وٺندي نوجوان آفاق احمد عامر کي بازياب ڪرائي انصاف ۽ تحفظ فراهم ڪيو وڃي۔
جُون 28, 2023