سيوھڻ: عيد ويجهو ايندي ئي ٽرانسپورٽرن ڪراين ۾ واڌ ڪري ڇڏي
سيوھڻ (رپورٽ: محمد صفر سيوھاڻي) سنڌ ۾ انڌير نگري چرٻٽ راجا جو راڄ قائم عيد ويجهو ايندي ئي سيوھڻ ۾ ٽرانسپورٽرن طرفان ڀاڙن ۾ ناجائز واڌ ڪري ڇڏي پر ٽرانسپورٽرن کان ڪير ب پڇڻ وارو ن آھي حيدرآباد وين جو ڪرايو 700/800 ڪار 1000/1200 ۽ بس جو 600/700 ڪرايو وصول ڪيو پيو وڃي
ڪرائي ۾ واڌ سبب عيد ملهائڻ لاءِ پنهنجي گهرن ڏانهن ويندڙ عوام سخت پريشاني کي منهن ڏيڻ تي مجبور آهي پر افسوس سندن دادرسي ڪرڻ وارو ڪو به ناهي جڏھن ت ٽرانسپورٽر کي چيڪ ڪرڻ لاء ڪاب اھڙي ايجنسي نظر ن اچي رھي آھي
خدارا ڪجھ احساس ڪيو عيد جي موقعي تي جيڪي اوھان ھٿرادو ڪرايا وڌايا آھن اھي سراسر غيرقانوني آھن ان جي لاء سيوھڻ جي عوام سنڌ روڊ ٽرانسپورٽ جي سيڪريٽري کان گھر ڪئي آھي تھ عيد جي موقعي تي ڪرايو وڌيڪ وٺندڙ ٽرانسپورٽرن جي چيڪنگ ڪئي وڃي
۽ ھٿرادو وڌايل ڪرايا عوام کي واپس ڪرائي انھن ٽرانسپورٽرن کي قانوني قدم کنيو وڃي.
جُون 28, 2023