سيوھڻ: عوام جي پرگھور لھڻ واري ذميواري سيد شھزاد حيدر شاھ کڻي ورتي

Spread the love

سيوھڻ (رپورٽ رپورٽ:  محمد صفر سيوھاڻي) سيوھڻ جي عوام جي پرگھور لھڻ جي ذميواري سيد شھزاد حيدر شاھ کڻي ورتي،

سيوھڻ جي عوام کي پيئڻ جو صاف پاڻي مھيا ڪري ڏيئڻ لاءِ چيئرمين ميونسپل ڪاميٽي سيوھڻ سيد شھزاد حيدر شاھہ  Indus River درياء اسڪيم جو دورو ڪيو

۽ سيوھڻ شھر جي رھواسين کي پاڻي پھچائڻ لاءِ نين پائيپ لائينن ۽  موٽرن جو ڪم تيزي سان ڪرڻ جي ھدايت پڻ ڪئي،

سيوھڻ ميونسپل ڪاميٽي جي چيئرمين  سيد شھزاد حيدر شاھ جن جو وڌيڪ چوڻ آھي ته  سيوھڻ جي عوام سان ڪيل واعدو جلد از جلد پورا ڪرڻ جي ڪوشش ڪندس.

 سيوھڻ جي ھر محلي تائين پاڻي جي رسائي لاء ھر ممڪن اقتدام ڪيا ويندا، سيد شھزاد حيدر شاھ چيئرمين ميونسپل ڪاميٽي سيوھڻ جن واٽرسپلاء انچارج ۽ ان جي عملي کي ھدايت ڪندي چيو ت سيوھڻ شھر ۾ جيڪي بھ واٽرسپلاء جي لائينن جي ليڪيج آھي،

انھن جي فورن مرمت ڪئي وڃي، ۽ سيوھڻ جي شھرين کي صاف پاڻي مھيا ڪرائي ڏنو وڃي، ۽ سيوھڻ شھر مان پاڻي جي کوٽ کي ختم ڪرايو وڃي،

 سيوھڻ شھر جي عوام سيد شھزاد حيدر شاھ چيئرمين ميونسپل ڪاميٽي سيوھڻ جي اھڙي قدم کڻڻ کي ساراهيو آھي

جُون 28, 2023

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو