گهڻي سيبتي نه ٿي: سلمان خان ڪترينا ڪيف کي چماٽ وهائي ڪڍي
ڪراچي (ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ جي دبنگ هيرو سلمان خان اداڪارا ڪترينا ڪيف تي تشدد ڪرڻ جو اعتراف ڪيو آهي.
ڀارتي ميڊيا تي سلمان خان جي هڪ وڊيو وائرل ٿي آهي جنهن ۾ سلمان خان پنهنجي گرل فرينڊ، ڪترينا ڪيف تي شوٽنگ دوران تشدد ڪرڻ جو اعتراف ڪري رهيو آهي.
پراڻي انٽرويو ۾ سلمان خان ڪترينا ڪيف سان پنهنجي جهيڙن بابت ڳالهايو.
وڊيو ۾ سلمان خان جي چهري تي ڪا شرمساري نظر نٿي اچي ۽ ڪترينا ڪيف به ڏک ۾ لڳي ٿي.
سلمان خان آرام سان ڪترينا ڪيف کي مارڻ بابت ميزبان کي ٻڌائي ڇڏيو.
وڊيو۾ هن چيو ته هو هن انڊسٽري ۾ ڊگهي وقت کان آهي ۽ ڪترينا نئين آهي، جڏهن هو پنهنجو آئيڊيا پيش ڪرڻ ايندي هئي يا اوور اسمارٽ بڻجڻ جي ڪوشش ڪندي هئي ته کيس چماٽ لڳندي هئي.
سلمان خان اهو انٽرويو ڪڏهن ڏنو هو ان بابت اڳ ڪا وڊيو سامهون نه آئي هئي.
هاڻي سلمان خان تي تنقيد ڪئي پئي وڃي.
ياد رهي ته ماضي ۾ سلمان خان بابت خبرون هيون ته هو گرل فرينڊز تي تشدد ڪندو رهيو آهي جنهن جا قصا مشهور آهن اهو ئي سبب هو جو ايشوريا به هن کان پري ٿي وئي هئي.
خيال رهي ته سلمان خان تي اهي سڀ الزام خبرن ۾ آيا هئا.
هاڻي اداڪار جون سڀ گرل فرينڊز شادي شده آهن ۽ پاڻ اڪيلو آهي.
نجومي چون ٿا ته هاڻي کيس ڪا اهڙي عورت ڳولڻ گهرجي جيڪا گهريلو هجي.
