ڀارتي اداڪار خوفناڪ حادثي جو شڪار، جان بچائڻ لاءِ ڊاڪٽرن ڄنگهه ڪٽي ڇڏي

Spread the love

ميسور (  ويب ڊيسڪ ) ڀارت جي ڪناڊا فلم انڊسٽري سان واسطو رکندڙ اداڪار سورج ڪمار خطرناڪ روڊ حادثي ۾ پنهنجي ساڄي ڄنگهه وڃائي ويٺو .

ڀارتي ميڊيا جي رپورٽن موجب، چويهه ورهين جي سورج ڪمار فلمي دنيا ۾ ڊيبيو ڪرڻ وارو هو، هو ميسور هاءِ وي تي ٿيل حادثي ۾ سخت زخمي ٿي پيو جنهن بعد کيس فوري اسپتال نيو ويو.

ڊاڪٽرن سورج ڪمار جو معائنو ڪيو جنهن بعد اداڪار جي زندگي بچائڻ لاءِ ڊاڪٽرن کي سندس گوڏي کان هيٺ ساڄي ڄنگهه ڪٽڻي پئجي وئي .

ڀارتي ميڊيا موجب، حادثي جي وقت سورج ڪمار موٽر سائيڪل هلائي رهيو هو، هڪ ٽريڪٽر کي اوور ٽيڪ ڪندي وين سان ٽڪرائجي ويو.

 بعد ۾ کيس ميسور جي مني پال اسپتال منتقل ڪيو ويو ، پر ڊاڪٽرن وٽ سندس ڄنگهه ڪٽڻ کان سواءِ ٻيو ڪو حل نه هو.

جُون 27, 2023

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو