ٽنڊوڄام: سنڌ زرعي يونيورسٽي جي  ملازمن پاران  مطالبن جي مڃتا لاءِ  احتجاج

Spread the love

ٽنڊوڄام (رپورٽ: واجد علي چانڊيو) ٽنڊوڄام سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام جا  ملازم  مطالبن جي مڃتا لاءِ  وائيس چانسلر سيڪريٽريٽ اڳيان 24 ڪلاڪن لاءِاحتجاجي ڌرڻي تي ويھي رھيا ،

خبر موجب سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام جا ملازم ڪجھ ڏينھن کان پنھنجي مطالبن جي مڃتاء لاء سراپاء احتجاج آھن اڄ وائيس چانسلر سيڪريٽريٽ جي سامھون 24 ڪلاڪن لاء احتجاجن ويھي رھيا ،  ان سلسلي ۾ لڳل ڌرڻي کي خطاب ڪندي موجوده  ملازمن جي تنظيم جي صدر خاور علي ميمڻ چيو تہ ليو آن ڪيشمينٽ سنڌ ۽ مھراڻ يونيورسٽين ۾ ملي چڪي آھي پر افسوس سان چوڻو ٿو پوي تہ سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام جو وائيس چانسلر  اسان کي  ليو آن ڪيشمينٽ ۾ ڪٽوتي ڪري ڏئي رھيو آھي ،

فوتي ڪوٽا جا  سمورا آرڊر ڏيڻ بجاء من پسند ماڻھن کي نوازيو پيو وڃي. زرعي يونيورسٽي سان سلهاڙيل  خيرپور ڪاليج جي ملازمن جا پروموشن به نٿا ڪيا وڃن ، زرعي يونيورسٽي جي زرعي لطيف  فارم تي پيدا ٿيل  ڪڻڪ پيسن سان به يونيورسٽي جي ملازمن کي نٿي  ڏني وڃي. جيڪا ھتان جي بالا آفيسرن ۾ تقسيم ڪئي پئي وڃي ،

ھن پنھنجي خطاب ۾ وڌيڪ چيو تہ اسان جا  مطالبا منظور نه ڪيا ويا تہ عيد جي ڏينهن بہ احتجاج ڪيو ويندو ، ڌرڻي ۾ سنڌ جي مشهور صوفي راڳي سائين وزير علي شاه، آصف ابڙو ،فضل شاہ، فياض سيال ، طوطو مير جت، راجا فراز ڪونڌر، وقار ڪنڀر ، ميان بخش مگسي سميت سوين ملازمن شرڪت ڪئي .

جُون 27, 2023

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو