ملٽري ڪورٽس ڪيس، جسٽس يحيٰ آفريدي جو فل ڪورٽ بئنچ جوڙڻ تي زور

Spread the love

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ ۾ ملٽري ڪورٽس ۾ سويلين ٽرائل خلاف درخواستن جي ٻڌڻي لاءِ جسٽس يحيٰ آفريدي فل ڪورٽ بئنچ جوڙڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو.

جسٽس يحيٰ آفريدي پنهنجي نوٽ ۾ لکيو ته چيف جسٽس کانپوءِ سينيئر ترين جج سميت بئنچ ۾ شامل ٻين ميمبرن جا لکت اعتراض به سامهون اچي چڪا آهن، موجوده بئنچ کي فوري طور ڌيان ۽ چيف جسٽس جي نظرثاني جي ضرورت آهي.

سپريم ڪورٽ ۾ ملٽري ڪورٽس ۾ سويلين ٽرائل خلاف درخواستن جي ٻڌڻي ڪندڙ بئنچ ۾ شامل جسٽس يحيٰ آفريدي پنهنجي نوٽ ۾ وڌيڪ چيو ته انصاف جي نظام جو بنياد عدليا تي عوام جو اعتماد ئي هوندو آهي.

جسٽس يحيٰ آفريدي نوٽ ۾ چيو آهي ته چيف جسٽس فل ڪورٽ جوڙي، عدل جي نظام جي ساک جي عمارت عوامي اعتماد تي بيٺي آهي، موجوده حڪومت جو مدو ختم ٿيڻ وارو آهي ۽ هن وقت ملڪ ۾ چونڊن لاءِ سياسي ماحول جو منظرنامو چارج آهي.

نوٽ ۾ چيو ويو آهي ته اهڙي سياسي چارج ماحول ۾ موجوده عدالتي بئنچ خلاف اعتراض ڪري سگهجي ٿو ۽ فوجي عدالتن خلاف ڪيس ٻڌندڙ بئنچ ۾ موجود ججن جا لکت اعتراض انتهائي سنجيده آهن، جن کي نظرانداز نٿو ڪري سگهجي.

جُون 27, 2023

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو