ڏوڪري: پاڻي نه ملڻ خلاف آبادگار رستن تي نڪري آيا، احتجاجي مظاهرو

Spread the love

ڏوڪري (رپورٽر) ڏوڪري تعلقي جي مختلف شاخن ۾ پاڻي نه پهتو، آبادگار رستن تي نڪري آيا، علي پارڪ کان ريلي ڪڍي پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو، روڊ بند، نٽهڻ اس ۾ نعريبازي ڪئي،

ڏيو ڏيو پاڻيءَ ڏيو” ايس ڊي او ۽ انجنيئر ايريگيشن هٽايو پاڻي پهچايو” جا اڀ ڏيندڙ نعرا هنيا، ڏوڪري تعلقي جي مختلف ڳوٺن جي آبادگارن دادو ڪئنال ۽ رائيس ڪئنال ۾ پاڻي هوندي به شاخن ۾ واري اڏامي رهي آهي، بااثر زميندارن کي مخصوص شاخن مان پاڻي پهچائي ننڍن آبادگارن کي معاشي طور قتل ڪيو پيو وڃي،

 پاڻي نه اچڻ سبب لکين ايڪڙن زمين تي زيتون ۽ ساريالي فصل توڙي سبزين جي پوکي ناهي ٿي سگهي : آبادگار غلام حسين سولنگي، نثار احمد چنو، معشوق علي جوڻيجو ۽ ٻيا ميڊيا سان ڳالهائيندي.

تفصيل موجب ڏوڪري لڳ مختلف ڳوٺن جي آبادگارن دادو ڪئنال ۽ رائيس ڪئنال  ۾ پاڻي هوندي به مختلف شاخن ۾ پاڻي نه اچڻ سبب آبادگارن جو پاڻي کوٽ خلاف آبادگارن پاران علي پارڪ کان ريلي ڪڍي پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو، جنهن ڪري ٽريفڪ معطل ٿي وئي،

 ان موقعي آبادگارن، هارين پ پ اڳواڻ ۽ اڳوڻي يوسي وڪڙو چيئرمين غلام حسين سولنگي، نثار احمد چنو، امداد علي چنو، معشوق علي جوڻيجو، علي بخش ميتلو، ياسين ابڙو، شاهنواز ٻگھيو ۽ ٻين چيو ته سونهري ريگيوليٽر جي شاخن ۾ پاڻي نه اچڻ سبب شاخن ۾ واري اڏامي رهي آهي، هنن چيو ته ڪيترائي ڀيرا آپباشي عملدارن کي شڪايتون ڪيون آهن پر ڪو به تدارڪ ناهي ٿيو، هنن چيو ته سونهري ريگيوليٽر جي شاخن ۾ پاڻي نه اچڻ سبب چوپايو مال مري رهيو آهي،

لکين ايڪڙن تي بيٺل باغ ۽ ساريالي فصل توڙي سبزين ۽ ڀاڃين ۾ پاڻي جي کوٽ سبب فصل سميت سڪي رهيا آهن، هنن چيو ته گذريل سال برساتن ۽ ٻوڏ جي تباهي کان پوءِ آبادگارن ۽ ھارين جو لکين ايڪڙن تي بيٺل ساريال فصل تباھ ٿي ويو جنهن ڪري آبادگارن ۽ ھارين جا پنهنجا گهر گهاٽ تباھ ٿي ويا لڳا پيا آهن

پر انجنيئر مڪيش ڪمار ۽ چيف انجنيئر سيد رياض شاھ جي من مستي عروج تي قائم آهي، هنن چيو ته آپباشي عملدارن جي ڳٺ جوڙ سبب هڪ جريب کي پيسا ڏيڻ لاءِ ٻه هزار رپين جي رشوت گهري رهيا آهن ٻه هزار رپيا ڏيو ته ڪنڊ ڪڙڇ تائين پاڻي پهچائڻ ۾ دير نه ڪئي ويندي، هنن چيو ته دادو ڪينال جي سونهري ريگيوليٽر تي ھٿرادو پاڻي کوٽ ختم ڪري آبادگارن ۽ هارين مان بيچيني ختم ڪئي وڃي نه ته ٻي صورت ۾ سونهري ريگيوليٽر آڏو احتجاج ڪيو ويندو.

جُون 27, 2023

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو