ٺٽي لڳ موٽر سائيڪل ۽ ڊمپر ۾ خوفناڪ ٽڪر، ھڪ ڄڻو فوت

Spread the love

ٺٽو (رپورٽ:  نظير احمد قريشي) مڪلي لڳ درگاھ محمد علي شاھ وٽ ٺٽو/ڪراچي قومي شاھراھ تي موٽر سائيڪل ۽ ڊمپر ۾ خوفناڪ ٽڪر ٿيڻ جي نتيجي ۾ موٽر سائيڪل سوار گلمنڊا لڳ ڳوٺ محمد سومار ملاح جو رھواسي پورھيت غلام مصطفي ولد الھڏنو ملاح موقعي تي فوت ٿي ويو،

 جنھن جو لاش سول اسپتال مڪلي پھچائي ضروري ڪاروائي بعد مڪلي پوليس لاش وارثن حوالي ڪري ڇڏيو، لاش گھر پھچڻ تي گھر ۾ ڪھرام مچي ويو،

 ٻئي طرف مڪلي پوليس ڊمپر کي تحويل ۾ وٺي فرار ٿي ويل ڊمپر ڊرائيور جي ڳولا جاري ڪري ڇڏي اھي، فوتي نوجوان غلام مصطفي ملاح جي وارثن موجب غلام مصطفي ملاح صبح سويل موٽر سائيڪل تي مڇي کڻي مڇي مارڪيٽ ٺٽي پي ويو

تھ درگاھ محمد علي شاھ وٽ سامھون ايندڙ ڊمپر موٽر سائيڪل سان ٽڪرائجي ويو، جنھن جي نتيجي ۾ غلام مصطفي ملاح ڇيڀاٽجي موقعي تي فوت ٿي ويو اھي، ھنن گھر ڪئي تھ ساڻن انصاف ڪري خوني ڊمپر ڊرائيور کي گرفتار ڪري مٿس قتل جو ڪيس داخل ڪري نوجوان جي خون سان انصاف ڪيو وڃي.

جُون 27, 2023

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو