ٺاروشاھ: سولنگي محلي واسي عورت جو پنھنجي مڙس خلاف احتجاج
ٺاروشاھ (رپورٽ: اسد سونگي) ٺاروشاھ وارڊ نمبر 2 سولنگي محلا واسڻ عورت جو مڙس جي ظلمن۽ ڏاڍ خلاف ٺاروشاھ ٿاڻي تي احتجاج خبر موجب ٺاروشاھ وارڊ نمبر 2 سولنگي محلا واسڻ گل بانو پنهنجي ٻارن ۽ پنهنجي ڀاء شهزادو سولنگي سان گڏجي پنهنجي مڙس محمد يوسف سولنگي جي ظلمن ۽ ڏاڍ خلاف ٺاروشاھ ٿاڻي تي پهجي ميڊيا آڏو دانهيندي ٻڌايو ته منهنجو مڙس مونکي بنا جواز مونکي گار گند ۽ مار ڪٽ ڪري گهران ڪڍي ڇڏي ٿو
جنهن جون دانهون سندس مٽرن مائٽرن ۽ قوم جي چنگي مڙس ريس نواب خان سولنگي کي ڏني هئي جنهن کيس فيصلي ۾ به ڏوهي ڪيو هو ان کان پوء ڪجهه ٽائيم سلسلو صحيح هيلو اڄ وري ٻارن جي معمولي ڳالھ تان تشدد ڪري مونکي گهٽو ڏئي مارڻ جي ڪوشش ڪئي
جڌهن ته مهنجون رڙيون ڪيون ته پاڙي وارن اچي مونکي بچايو مون اهڙو اطلاع اچي ٺاروشاھ ٿاڻي تي ڏنو آهي ۽ اين سي به داخل ڪرائي آهي هن وزيري اعلا سنڌ ڊي ائي جي شهيد بينظير ايس ايس پي نوشهرو فيروز کان مطالبو ڪندي چيو ته ظالم مڙس خلاف قانوني ڪروائي ڪري انصاف ڏياريو وڃي نه ته ٻئي صورت ۾ ايس ايس پي آفيس آڏو پاڻ کي باھ ڏئي ساڙي ڇڏيندس.
جُون 27, 2023