ورلڊ ڪپ ڪواليفائر، نيڌرلينڊز تاريخ لکي ڇڏي، ويسٽ انڊيز جي ڏکيائين ۾ واڌ

Spread the love

هراري (ويب ڊيسڪ) ورلڊ ڪپ ڪواليفائر ميچ ۾ نيڌرلينڊز تاريخ لکندي ويسٽ انڊيز کي اپ سيٽ شڪست ڏئي ڇڏي.

هراري اسپورٽس ڪلب ۾ کيڏيل ان ميچ ۾ ويسٽ انڊيز اڳ ۾ بيٽنگ ڪندي 374 رنسون ٺاهيون، نڪولس پوران 104 رنسن جي شاندار اننگز کيڏي، جڏهن ته برينڊن ڪنگ 76، جانسن چارلس 54، ڪپتان شاءِ هوپ 47 ۽ ڪيمو پال 46 رنسن سان اڳڀرا رهيا.

نيڌرلينڊز طرفان بيس ڊي ليڊ ۽ ثاقب ذوالفقار ٻه – ٻه، جڏهن ته وويان ڪنگما ۽ لوگان وين بيڪ هڪ – هڪ وڪيٽ ورتي.

جواب ۾ نيڌرلينڊز به سٺي راند جو مظاهرو ڪيو، وڪرم جيت سنگهه 37، ميڪس اوڊوڊو 36، ويسلي بريسي 27 ۽ باس ڊي يلڊ 33 رنسن سان پنهنجو حصو وڌو، جڏهن ته پنجين وڪيٽ تي تيجا نڊامانورو ۽ ڪپتان اسڪاٽ ايڊورڊ وچ ۾ 143 رنسن جي ڀائيواري اهم هئي.

تيجا 111 رنسن جي شاندار اننگز کيڏي، جڏهن ته اسڪاٽ ايڊورڊ 67 رنسون ٺاهيون.

ميچ جي آخري 4 اوورن ۾ نيڌرلينڊز کي ڪاميابي لاءِ 44 رنسون گهربل هيون ته لوگان وين بيڪ 26 ۽ ايان دت 16 رنسون ٺاهي اسڪور برابر ڪري ڇڏيو ۽ مقابلو ٽاءِ ٿي ويو.

ميچ سپر اوور ۾ وئي ته لوگان وين بيڪ ئي بيٽنگ لاءِ آيو، هن جيسن هولڊر جي هڪ ئي اوور ۾ 30 رنسون ٺاهي ورتيون.

واضح رهي ته ون ڊي ڪرڪيٽ جي سپر اوور ۾ ڪنهن به ٽيم ۽ رانديگر جو اهو سڀ کان وڏو اسڪور آهي.

ويسٽ انڊين بيٽر هڪ اوور ۾ ان جبل جيڏي اسڪور سامهون رڳو 8 رنسون ٺاهي سگهيا، ائين نيڌرلينڊرز مقابلو پنهنجي نالي ڪري ٻه پوائنٽون به حاصل ڪري ورتيون.

ياد رهي ته ورلڊ ڪپ ڪواليفائر مقابلن ۾ ويسٽ انڊيز ان کان اڳ زمبابوي هٿان به شڪست جو منهن ڏٺو آهي ۽ ان لاءِ ورلڊ ڪپ ۾ ڪواليفاءِ ڪرڻ ڏکيو ٿي ويو آهي.

جُون 27, 2023

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو