ميرپور ماٿيلو:  قدرتي آفتن کي منهن ڏيڻ لاءِ ٽاسڪ فورس جوڙڻ جو اعلان

Spread the love

گهوٽڪي (رپورٽ: محمد امین سومرو ) ميرپور ماٿيلو ضلع ڪونسل گهوٽڪي جي چيئرمين مير بنگل خان مهر، وائيس چيئرمين مير بابر خان لُنڊ  قدرتي آفتن کي منهن ڏيڻ لاءِ ٽاسڪ فورس جوڙڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي،

چيئرمين ضلع گهوٽڪي مير بنگل خان مهر، وائيس چيئرمين مير بابر خان لُنڊ ضلع ڪائونسل حال ۾ مختلف کاتن جي آفيسرن کان بريفنگ ورتي، ضلع چيئرمين  بنگل خان مهر، وائيس چيئرمين مير بابر خان لُنڊ  ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو تھ قدرتي آفتن کي منهن ڏيڻ لاءِ پهرين مرحلي ۾ مشينري خريد ڪئي ويندي،

هر تعلقي اندر 10 ماڻهن تي ٻڌل هڪ ٽيم جوڙينداسين جيڪا قدرتي آفتن دوران الرٽ رهندي، هنن وڌيڪ چيو ته عيد جي ڏهاڙن دوران ساڳي ئي نموني ٽيم جوڙي آهي جيڪا صفائي جي نظام کي بهتر بڻائڻ لاءِ ڪم ڪندي،

 هنن وڌيڪ چيو ته ضلع ڪائونسل جي ميمبرن سان گڏجي پوري ضلع اندر عوام جي بهتري لاءِ ڪم ڪنداسين، ضلع ڪائونسل گهوٽڪي ۾ ون مين شو نہ هوندو ۽ سڀني کي گڏ کڻي هلنداسين، هنن وڌيڪ چيو ته اسان جي ڪوشش آهي ته ضلعي گهوٽڪي جي عوام کي وڌ کان وڌ رليف ملي سگهي.

جُون 27, 2023

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو