ميرپورخاص: بينظير انڪم سپورٽ جي رقم مستحق عورتن کي پھچائڻ لاءِ سينٽر قائم
ميرپورخاص (رپورٽ: خدابخش چوھاڻ) بينظير انڪم سپورٽ جي رقم شفاف نموني مستحق عورتن کي پھچائڻ لاءِ سينٽر قائم ڪرڻ سميت قسط جي رقم ۾ پڻ اظافو ڪيو ويو آهي
اھڙو اظھار پروگرام جي ڊي جي ايڇ آر حماد مري ميرپورخاص جي مختلف سينٽرن جو دورو ڪرڻ دوران ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو
ان موقعي تي ڊي جي سنڌ امتياز علي شاه ، ڊپٽي ڊائريڪٽر شميم مري ، عمران ڪنڀار، راشد سيال پڻ ساڻس گڏ ھئا ھن وڌيڪ چيو ته وفاقي وزير شازيه عطا مري جي ھدايتن تي سينٽرن جو دورو ڪري مستحق عورتن سان درپيش مسئلن بابت آگاهي ورتي آهي جڏهن ته سينٽرن تي ڇانئو، پيڻ جي پاڻي سميت ٻيون سهولتون فراهم ڪيون ويون آهن
ھن پروگرام تحت 90 لک خاندانن جي مالي سھائتا ڪئي وئي آهي جڏهن ته بينفشريز کي يوٽيلٽي اسٽورز تي مختلف کاڌي پيتي جي شين تي سبسڊي پڻ ڏني وئي آهي جڏهن ھن پروگرام تحت بينفشريز جي ٻارن کي تعليم جي حوالي سان وظيفا پڻ ڏنا ويا آهن
جڏهن ھن پروگرام جو مقصد عورتن جي مالي سهائتا سميت معيشت کي مظبوط ڪرڻ آھي ڪنھن به مشڪل وقت ۾ ھن پروگرام تحت متاثر خاندانن جي سھائتا ڪئي وڃي ٿي
تازو برساتي ٻوڏ ۾ ملڪ ۾ 28 لک خاندانن کي في خاندان کي 25 ھزار روپيا جي حساب سان مالي سهائتا ڪري ريليف مھيا ڪيو ويو آهي
جڏهن ته ھن وقت سسٽم بند ھجڻ سبب عورتن کي رقم حاصل ڪرڻ ۾ مشڪلاتون پيش اچي رهيون آهن جنھن بابت واسطيدار اختيارين کي شڪايت ڪئي وئي آهي جلد اھو مسئلو حل ڪيو ويندو.
جُون 27, 2023