ملير: گڏاپ ٽائون جو تعارفي اجلاس طارق عزيز بلوچ جي صدارت ۾ ٿي گذريو
ملير (رپورٽ: ذوالفقار علي نصيراڻي ) گڏاپ ٽائون جو پهريون تعارفي اجلاس، چيئرمين طارق عزيز بلوچ ۽ وائيس چيئرمين ڄام محمد جوکيو جي صدارت ۾ ٿيو، اجلاس ۾ ڪي ايم سي جي ڊپٽي ميئر سلمان عبدالله مراد به خصوصي شرڪت ڪئي.
اجلاس ۾ ٽائون جي ميمبر مير عباس ٽالپر،مرتضا بلوچ،داد ڪريم بلوچ،سني مسيح ۽ ٻين قرارداد پيش ڪئي ته ضلع ڪائونسل جيپراڻن ڪرپٽ آفيسرن کي اڄ جي اجلاس ۾ نه ويهڻ ڏنو وڃي ۽ ڪرپٽ آفيسرن کي نيڪالي ڏني وڃي،
مير عباس پاران پيش ڪيل قرارداد بعد اجلاس ۾ هنگامه آرائي شروع ٿي وئي جنهن بعد اجلاس مڇي مارڪيٽ جو ڏيک ڏيڻ لڳو ان دوران مير عباس قرارداد پيش ڪندي چيو ته ضلع ڪائونسل جي ڪروڙين روپين جي بجيٽ آئي ۽ ڪرپٽ آفيسرن جي ڪرپشن جي نظر ٿي وئي ۽ اڃان ڪروڙين روپين جو قرض به ڏيکاريو ويو آھي،
ان تيميمب گڏاپ ٽائون مير عباس چيو ته نور حسن جوکيو، اياز حميد بلوچ سميت ٻين آفيسرن کي اجلاس مان ٻاهر ڪڍيو وڃي ڇو ته هنن اربين رپين جي ڪرپشن ڪئي آهي، ان ڪري انھن کي گڏاپ ٽائون مان فوري طور ھٽايو وڃي،
ٻئي پاسي آفيسرن تي ڪرپشن جو الزام لڳائڻ کانپوءِ انهن کي اجلاس مان نيڪالي ڏني وئي ان موقعي تي اڳوڻي ايڊمنسٽريٽر ۽ موجوده ٽائون ميونسپل ڪمشنر نور حسن جوکيو ۽ ميمبر مير عباس ٽالپر وچ ۾ تلخ ڪلامي ٿي وئي ۽ ھنگامو ٿي ويو ۽ گل حسن جوکيو ۽ ٻين اعتراض وايل آفيسرن کي اجلاس مان ٻاھر ڪڍيو ويو،
۽ قرارداد کي اڪثيريت راء سان منظور ڪئي وئي، ان معاملي تي سنڌ ٽي وي نيوز کي موقف ڏيندي چيئرمين طارق عزيز بلوچ ڇيو ته اسان جي اجلاسن ۾ قراردادون پيش ٿينديون آھن ۽ ان تي ووٽنگ ٿيندي آھي اڪثيرت جو فيصلو ڏيندي آھي
ان قرارداد کي قانوني اختيار ھوندو انڪري اڄ واري قرارداد به اڪثيريت سان پاس ٿي آھي، ان قرارداد جي ويش نظر سنڌ حڪومت کي تحريري طور سفارشي خط لکيو ويندو ته انھن آفيسرن کي ھٽايو وڃي، ھٽائڻ جا اختيار اسان وٽ ناھن.
جُون 27, 2023