سکر : ڊپٽي ميئر جي مان ۾ پروگرام منعقد ڪيو ويو
سکر (رپورٽ: امداد علي گل ڪلوڙ)پيپلز ليبر بيورو ضلع سکر جي نائب صدر زبير احمد ڀيو پاران سکر جي ڊپٽي ميئر ڊاڪٽر ارشد مغل ۽ نثا احمد صديقي ٽائون جي وائيس چيئرمين ذوالفقار کوسو ۽ ميمبر سکر ميونسپل ڪارپوريشن لعل ڀخش جي مان ۾ مقامي ھوٽل ۾ ھڪ بھترين پروگرام جو انعقاد ڪيو ويو ۽ عشائيو پڻ ڏنو ويو ۽ آيل مھمانن کي ٽوپي اجرڪ ۽ گلن جا ھار پرايا ويا
تقريب ۾ پيپلز پارٽي جي سينيئر ورڪرن ۽ عھديدارن پڻ شرڪت ڪئي ان کان علاوه پيپلز ليبر پيپلز ليبر بيورو سکر ڊويزن جي صدر غلام اڪبر سارنگ چانڊيو سٽي سکر جي صدر لالا سيف الرحمان خان ضلع جي جنرل سيڪريٽري علي مردان شيخ انفارميشن سيڪريٽري جمال نوناري نائب صدر زبير احمد ڀيو تاج محمد خاڪي سينيئر ڊپٽي جنرل سيڪريٽري ذاھد حسين لاشاري ڊپٽي جنرل سيڪريٽري گلزار احمد چانڊيو فنانس سيڪريٽري عاشق علي ڪورائي ڊويزنل ميڊيا ڪو آرڊينيٽر آفاق منگي ۽ سٽي سکر جي عھديدارن ۾ جنرل سيڪريٽري آغا بشير ترين سينيئر نائب صدر نياز احمد شيخ نائب صدر شفيع الله ڪلوڙ لعل بخش چاچڙ ڊپٽي جنرل سيڪريٽري علي بخش رڏ انفارميشن سيڪريٽري علي حسن منگي جوائينٽ سيڪريٽري محمد ايوب شر فنانس سيڪريٽري حبيب الله پنھور ۽ ميڊياڪو آرڊينيٽر سکر سٽي امداد علي ڪلوڙ
۽ سپاف سکر سٽي جي صدر عامر نوناري پيپلز ھاري ڪميٽي سکر سٽي جي صدر خادم ملڪ جنرل سيڪريٽري وقار ڀيو سينيئر نائب صدر شاهه بيگ شيخ اڳوڻو سپاف اڳواڻ ظفر ميراڻي قمر کوسو مجاھد کوسو غلام رسول گھمرو ۽ ٻين پڻ شرڪت ڪئي.
تقريب کي خطاب ڪندي ڊپٽي ميئر سکر ڊاڪٽر ارشد مغل چيو ته آء اوھان جي لاء ھر وقت حاضر آهيان انشاءالله آء سڀني دوستن کي گڏ کڻي ھلندس ۽ سکر شھر جي مسئلن جي حل لاء ڀرپور ڪوششون ڪندس ان موقعي تي نثار صديقي ٽائون جي وائيس چيئرمين ذوالفقار کوسو پيپلز ليبر بيورو سکر ڊويزن جي صدر غلام اڪبر سارنگ چانڊيو لالا سيف الرحمان خان خادم ملڪ عامر نوناري آغا بشير ترين شفيع الله ڪلوڙ لال بخش چاچڙ ۽ مزدور اڳواڻ علي مردان شيخ پڻ تقريب کي خطاب ڪيو.
جُون 27, 2023